اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بغاوت جي ڪيس ۾ شهباز گِل جي وڌيڪ جسماني رمانڊ خلاف درخواست تي آءِ جي اسلام آباد پيش ٿيو، هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق بغاوت جي ڪيس ۾ شهباز گِل جو وڌيڪ ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار طرفان فيصل چوڌري ۽ شعيب شاهين ايڊووڪيٽ عدالت ۾ ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل تي جسماني رمانڊ دوران تشدد ڪيو پيو وڃي جيڪو غيرقانوني آهي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي ٽئين وڳي لاءِ نوٽيس جاري ڪيو هو. عدالت آءِ جي اسلام آباد، ايس ايس پي انويسٽيگيشن، ڪوهسار ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي پڻ طلب ڪري ورتو جڏهن ته سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي پڻ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. وقفي بعد ٻيهر ٻڌڻي ٿي ته آءِ جي اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته شهباز گِل تي ڪو ٽارچر ناهي ٿيو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪٿي به ٽارچر جي نشاندهي ناهي ڪئي وئي. عدالت چيو ته اها ڳالهه سامهون اچڻ گهرجي ته تشدد ٿيو آهي يا نه، جيڪڏهن ٽارچر ناهي ٿيو ته جيڪي الزام مڙهي رهيا آهن انهن کي ذميوار قرار ڏنو وڃي. وقتي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق چيو ته دانهون ٿي رهيون آهن ته تشدد ٿي ويو، ڇا اها ميڊيا هائپ آهي يا واقعي ايئن ٿيو آهي؟ اسان کي اهو ڏسڻو آهي، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ٻڌايو ته 12 آگسٽ تي شهباز گِل تشدد جو الزام مڙهيو ٻئي ڏينهن ميڊيڪل بورڊ قائم ڪيو ويو.ميڊيڪل بورڊ طبي معائني لاءِ جيل ويو تي شهباز گِل سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت اڊيالا جيل جي ايڊيشنل سپرٽنڊنٽ، ميڊيڪل آفيسر، اسلام آباد پوليس جي لاڳاپيل آفيسرن کي وضاحت ڏيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي چيو ته توهان ماڻهن جي ڪري ادارن جو نالو خراب ٿيندو آهي. عدالت آءِ جي اسلام آباد شروعاتي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اسد عمر ۽ بابر اعواڻ شهباز گِل تي تشدد خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي.