دانشور ڪير؟

0
105
ڀلي عشق اسان جا رنگ ڏسي

  دانشور ڪنهن کي چئجي ٿو، دانشور جي وصف ڪهڙي آهي، دانشور جون خصوصيتون ڪهڙيون آهن، دانشور کي پيار ڇا سان ڪرڻو آهي ۽ دانشور کي  نفرت ڪنھن سان ڪرڻي آھي ۽ دانشور کي پرهيز ڪهڙو ڪرڻو آهي؟ اهڙن سوالن جا جواب تحقيق ۽ پنهنجي ڌرتي فلسطين (يروشلم) کان دوري جو درد ڀوڳيندڙ دنيا جي مڃيل ڏاهي پروفيسر ايڊورڊ سعيد پنهنجي ڪتاب Representations of the Intellectual ۾ مثالن سان ڏنا آهن. 1994ع ۾ شايع ٿيل هي ڪتاب اصل ۾ ايڊورڊ سعيد جي انهن ليڪچرس جو مجموعو آهي، جيڪي هن بي بي سي جي آڇ تي ريٿ ليڪچر سيريز لاءِ 1993ع ۾ ڏنا هئا. پئي پراڻي نه ٿيندڙ ۽ زمانن تائين اثر ڇڏيندڙ هن ڪتاب جو سائين لکاڏني “ڪلال” پاران “دانشور جو خاڪو” جي عنوان سان بهترين سنڌي ترجمو ڪيو ويو آهي، جيڪو پروگريسو پبلشرس هلندڙ مهيني آگسٽ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪلال صاحب جو پھريون ۽ آخري عشق شاعري رھي آھي.

“پاڇا منھنجي پاند ۾” جي نالي سان سندس شاعري جو ڪتاب پڻ ڇپيل آھي. ايڊورڊ سعيد جي ڪتاب جي ڪيل ھن ترجمي ۾ به جيڪا ڪلال ٻوليءَ استعمال ڪئي آھي، جيڪي محاورا ۽ چوڻيون سنڌي جون ڏنيون آھن، انھن جي حسن ھن ڪتاب کي انگريزي بجاءِ سنڌي ٻولي جو اصلوڪو ڪتاب بڻائي ڇڏيو آھي. پنھنجي دوستن ۽ ادبي حلقي ۾ مترجم جي سڃاڻپ گھڻ پڙھئي ليکڪ واري پئي رھي آھي. شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي پوليٽڪل سائنس ۽ بين الااقوامي تعلقات جي شعبن ۾ ھن وقت ڪو اھڙو پروفيسر ناھي جنھن جو وچ اوڀر، يروشلم جي تاريخ،  آمريڪا، عقيدائي انتھاپسندي ۽ فرقيواريت تي ايترو ڳوڙھو مطالعو ھجي جيترو ڄاڻايل معاملن تي “ڪلال” جو آھي.

سنڌ ۾ بظاهر ته دانشورن ۽ دانشوري جي ڪا کوٽ ڪونهي پر ايڊورڊ سعيد وٽ جيڪو دانشور جو خاڪو آهي، اهو دانشور سنڌ جي نصيب ۾ آهي الائي نه؟ ايڊورڊ سعيد دانشور ڇا کي ٿو چئي ان جو ڪلال صاحب سنڌي ۾ هيئن ترجمو ڪيو آهي. “مون کي ذاتي حوالي سان اها ڳالهه ڪرڻ ڏني وڃي ته هڪ دانشور جي حيثيت ۾ آئون پنهنجي درد ۽ ڏکن جو اظهار، هڪ خاص طبقي ٻڌندڙن جي آڏو ڪندو آهيان، پر مسئلو فقط اهو ڪونهي ته آئون اهڙو اظهار ماڻهن سان ڪهڙي طرح ڪريان ٿو، پر مسئلو اهو به آهي ته آزاديءَ ۽ انصاف واري مقصد کي هٿي وٺرائڻ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري هڪ شخص جي حيثيت ۾ آئون ڪهڙيءَ ڳالهه جو اظهار ٿو ڪريان اهي ڳالهيون آئون انهيءَ ڪري لکان يا بيان ٿو ڪريان، جو گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ مون کي انهن تي يقين ٿيو آهي، ۽ آئون چاهيان ٿو ته ٻيا پڻ اها راءِ اختيار ڪرڻ لاءِ آماده هجن، انهيءَ ڪارڻ ڪري فرد جي ذاتي ۽ عوامي دنيائن جي وچ ۾ هڪڙو منجهيل ناتو موجود هوندو آهي.

منهنجي پنهنجي تاريخ، پنهنجا ذاتي قدر، لکڻيون ۽ حيثيت آهي، جيڪي هڪ پاسي منهنجي پنهنجي تجربي سان اڳتي وڌن ٿيون ته ٻئي پاسي وري اهي سماجي دنيا اندر به داخل ٿي وڃن ٿيون، جنهن ۾ ماڻهو جنگ، آزاديءَ ۽ انصاف بابت سوچيندا ويچاريندا آهن ۽ انهن ڳالهين جا فيصلا ڪندا آهن…ماڻهوءَ جا شخصي لاڙا ۽ ذاتي احساس به ٿيندا آهن. اهي احساس ۽ لاڙا، جيڪي به لکيو يا ڳالهايو ويندو آهي، ان کي هڪ خاص معنيٰ عطا ڪندا آهن. دانشور کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو ڪرڻ گهرجي ته هو پنهنجي ٻڌڻ وارن کي اعليٰ ترين احساس ڏئي سگهي ۽ کين چڱو ڀلو ڪري سگهي ان ۾ سڄو نقطو ڪنهن جي لاءِ “منجهائيندڙ،” “اختلافي” ويندي “اڻ وڻندڙ” ٿيڻ جو هوندو آهي. ان ڪري ئي آخر ۾ هڪ نمائندي شخص طور اهو دانشور ئي آهي، جنهن جي ڪا حيثيت هوندي آهي، جيڪو کُليو کلايو ڪنهن خاص نقطئه نظر جي نمائندگي ڪندو آهي. جيڪو هر قسم جي رڪاوٽن هوندي به اهو نقطئه نظر پنهنجي ماڻهن آڏو پيش ڪندو آهي. پوءِ اهو فن ڳالهائڻ هجي، لکڻ، پڙهائڻ يا ٽيليويزن جي ڪنهن پروگرام ۾ پيش ٿيڻ جو هجي. اها خوبي ايتري قدر اهم آهي جيڪا هر هڪ کي چٽي نظر ايندي آهي. ان خوبيءَ ۾ جوکم توڙي سچائي، ساهس توڙي خطري ٻنهي ڳالهين جا امڪان موجود هوندا آهن.“

دانشور کي ڪرڻو ڇا آهي، بقول ايڊورڊ سعيد جي دانشور جو هڪڙو مقصد اها ڪوشش ڪرڻ آهي ته اهو روبه زوال ۽ مروج آوازن کي ٽوڙي اهي آواز جيڪي انساني سوچ ۽ اظهار کي محدود ٿا ڪن. مذڪوره ڪتاب ۾ جيڪو نمونو ايڊورڊ سعيد دانشور جو پيش ڪيو آهي، انهي دانشور وٽ سچ جي تلاش، سچ کي اڳتي وڌائڻ، ڪوڙ کي پڌرو ڪرڻ، ڪوڙ کان خلق خدا کي باخبر ڪرڻ، ڏاڍي کي سچ چوڻ ۽ هيڻن جي پاسي بيهڻ وارا گڻ واضح ملن ٿا ۽ جنهن وٽ اهي قدر ۽ گڻ ناهن ايڊورڊ سعيد جي وصف موجب اهو دانشور ٿي ئي نٿو سگهي. ايڊورڊ

سعيد جي معيار ۽ اک سان ڏسبو ته ويجهي ماضي ۽ اڄوڪي سنڌ ۾ “مبينا دانشور” ته آساني سان ملي ويندا پر “دانشور” ڳولڻا پوندا. دانشور کي جيڪي پرهيز ڪرڻا آهن، جيڪا رک ڪرڻي آهي، اها به ايڊورڊ سعيد ڏاڍي ڏکي تجويز ڪئي آهي. زمانو آهي، دانشور به ماڻهو ٿئي ٿو. سنڌ جي دانشور کي وري اهي ڏکايون پيش آهن جو وزير، ڪامورا، ڪمپنين جا مئنيجر، اين جي اوز ۽ خانگي ادارن جا سربراهه سندن دوست ٿين ٿا. هاڻي ماڻهو ڀلا دوستن جي پاسي بيهي يا دانشوري جي پاسي ٿئي؟ ايڊورڊ سعيد لکي ٿو  “منهنجي خيال ۾ دانشور جي اهڙي ذهنيت يا عادتون جيڪي کيس لنوائڻ لاءِ آماده ڪن، تن کان وڌيڪ قصور وار رويو ٻيو ڪو به ڪونهي،” مطلب ته اصولي ۽ ڏکي ڳالهه کان هٽي وڃڻ جنهن جو ڪارڻ اهو نه هجي ته اها ڳالهه اوهان جي خيال ۾ درست نه آهي

پر اوهان اهو فيصلو ٿا ڪريو ته ان کي اختيار نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اوهان وڌيڪ سياسي نظر اچڻ پسند نه ٿا ڪريو، اوهان متنازعه ٿيڻ کان  خوف ٿا کائو، اوهان کي ڪنهن اختياري يا مالڪ جي منظوري جي ضرورت درپيش آهي، اوهان کي مناسب، حقيقت پسند ۽ معتدل هئڻ واري ناماچاري جي گهرج آهي، اوهان کي اميد آهي ته اوهان کي اختيار وارن وٽ گهرايو وڃي، اوهان سان صلاح مصلحت  ڪئي وڃي، اوهان کي ڪنهن بورڊ يا ڪاميٽي جو معزز ميمبر بڻايو وڃي ته جيئن اوهين ذميوار حلقي ۾ رهي سگهو، اوهان کي اها اميد رهي ٿي ته اوهان کي اعزازي ڊگري عطا ڪئي وڃي، اوهان کي ڪو انعام يا شايد سفارش به ملي پوي.ان ڳالهه کي اڃان وڌيڪ واضح ڪجهه هن ريت ڪيو ويو آهي“مثال طور هڪ پروفيشنل ۽ مشتاق جي وچ جيڪو فرق اڳ ۾ ئي مون ڏيکاريو آهي سو هيٺين ڳالهين تي ٻڌل آهي، پروفيشنل بي تعلقيءَ جي دعويٰ پروفيشن جي بنياد تي ڪندو آهي ۽ ان لاءِ سچائيءَ جو بهانو ڪندو آهي، جڏهن ته هڪ مشتاق جو عمل نه ته ڪنهن انعام اڪرام لاءِ هوندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جنم-مارڳ واري منصوبي جي پورائيءَ لاءِ، پر دانشور جو عمل عوامي دائري ۾ خيالن ۽ قدرن سان پنهنجي سچائيءَ جي پختگي جي اظهار لاءِ هوندو آهي.“

حشو ڪيولراماڻي جي پيرن هيٺان سنڌ جي زمين ڇا نڪتي ته ڄڻ هن جي سر تان پنهنجو آسمان به کسجي ويو. سنڌ جي سرحد اڪرڻ کانپوءِ حشو حياتي سڄي اندران ۽ ٻاهران جلاوطن ٿي گذاري، حشو جو درد ۽ حشو جي ڪهاڻي سنڌ اندر ورائي ورائي ياد ڪئي ويندي آهي. ايڊورڊ سعيد عالمي تناظر ۾ حشو جي درد کي فرد جي درد ۽ سرحد مان ٻاهر ڪڍي جيڪو بيان ڪيو آهي، اهو پڙهي هانءُ ڏري ٿو پوي. “ماڻهوءَ جي سخت ڏکوئيندڙ ۽ هولناڪ نصيب جو نالو آهي، جلاوطني، نئين دور کان اڳ، جلاوطني خاص طور تي هولناڪ ۽ دهشت انگيز سزا هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته ان جو مطلب فقط پنهنجي گهر وارن ۽ پنهنجي ڄاتل سڃاتل هنڌن ماڳن کان ڏور ڀٽڪڻ ۽ ڌڪا کائڻ ئي ڪونه هو، پر ان جو مطلب هو ته سدا لاءِ ماڻهوءَ جو بي يارومددگار ۽ ناڪارو بڻجي رهڻ. اهڙو ماڻهو جنهن کي گهر جو سک ته ميسر ڪونه هوندو هو، پر اهو اڪثر ڀرپاسي جي ماحول مان بيزار ۽ پنهنجي ماضيءَ بابت اٻاڻڪو، حال ۽ مستقبل بابت تلخ رهندو هو. تاريخ ۾ سدا کان جلاوطنيءَ جي تصور ۽ ڪوڙهيو هئڻ جي دهشتناڪي، سماجي ۽ اخلاقي طور تي اڇوت هئڻ جي وچ ۾ هڪڙو خاص ناتو رهندو آيو آهي.“ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جي ڪلال صاحب پنهنجي پاند ۾ پاڇا رکي تقريبن عمر جا ستر سال اهڙن ئي اصولن تي گذاريا آهن. هجومن ۽ اسٽيجن کان پري رهندڙ سائين ڪلال ايڊورڊ سعيد جو هي انتهائي ڪارائتو ڪتاب سنڌي ۾ پڙهائي مون تي هڪ وڌيڪ احسان ڪيو آهي.

[email protected]