دانا به ٻانها ٿيا درٻار جا

0
233
بجيٽ کان پوءِ ٻي وڏي واردات!
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

ساڃاهه وندن ۽ دانشورن کي قومن جو ضمير سمجهيو ويندو آهي. ڪنهن به سماج ۾ اهو سڀ کان وڌيڪ باشعور طبقو هوندو آهي، جيڪو قوم جي رهنمائي ڪندي خطرن کان آگاهه ڪندو آهي، اهو ئي خبردار ڪندو آهي ته، “ملاح، تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا…!” نه صرف آگاهي ڏيندو آهي پر ڌاڙي ۾ ڌارين سان ڌر بڻجي بيهڻ بدران سانگيئڙن سان ساٿ ۾ هوندو آهي. اهو قلم قبيلو، جيڪو مُهڙ وارو مورچو هوندو آهي. اهو طبقو ڪنهن “ظلِ سبحاني” کي ڪورونش بجا آڻڻ بدران هيڻن جي همراهه هوندو آهي، پر ڪئين ڏهاڪن کان سنڌ ۾ اهڙي ساڃهه جو سج گرهجي ويو آهي. اڪثر سياسي پارٽين جو نظرياتي ڪيڊر به هاڻي ان ڀوتارڪي سسٽم جو حصو بڻجي عوام سان ٿيندڙ دغا ۽ دولاب، ڏاڍ ۽ ظلم جي مزاحمت نٿو ڪري، باقي رهيا ٿي ساڃهه وند- انهن جي اڪثريت عوام جي رهنمائي ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، عوام کان لاتعلق ۽ وٿيرڪي بيٺل آهي. هتي ڀوتارن سڄي سماج کي يرغمال ورتو آهي، ڪارنهن جا الزام هڻي نياڻين جي قتل جا واقعا وڌي ويا آهن، هُشي ۽ هٿيارن جي زور تي قبيلائي دهشتگرديءَ کي وڌايو پيو وڃي، پر مجال آهي جو ساڃهه جي صفن مان ڪو آواز اٿي.

سنڌ جي ساڃهه ڪڏهن به اهڙي سُنڍ نه ٿي هئي، جهڙي نموني هن وقت ان جي اعصابن تي بيحسي ڇانيل آهي. اڳي ماڻهو ساڃهه وندن جي ڏڍ تي ڏاڍن سان اٽڪي پوندا هئا، پر هاڻي ته اهي نڌڻڪا بڻيل آهن. ساڳي حالت سياسي پارٽين جي آهي. اهي به ان ظلم ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ تي خاموش آهن. ايتري قدر جو هر سياسي تنظيم ۾ عورتن جي ذيلي تنظيم به هوندي آهي، پر اتان به ڪارنهن جي نالي ۾ ٿيندڙ ڪوس خلاف آواز نٿو اٿي. ها، البته ان ڏس ۾ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ ٻن تنظيمن جي پورهئي کي نظرانداز ڪرڻ بدديانتي هوندي. بيحسيءَ جي رڃ مان اڃان انهن جي رڙ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، باقي ڀينگ لڳي پئي آهي.

اهو قحط الرجال گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان ٿيو آهي، نه ته ضياءِ جي دور کان پوءِ به مزاحمت جون چڻنگون نظر اينديون هيون. البته انهن چڻنگن کي سهيڙي ڀنڀٽ ۾ بدلائڻ واري آرٽ کان آشنائي رکندڙن کي “ادبي ميلن” ۽ ٻين منافعي بخش پراجيڪٽن تي ريجهايو ويو آهي.  ماضيءَ ۾ سنڌ جي سياسي ڌرين ۽ ساڃهه وندن هر عوامي هلچل ۾ نه صرف آگهيءَ وارو پنهنجو فرض پورو ڪيو، پر انهن تحريڪن جي اڳواڻي پڻ ڪئي، پوءِ اها ون يونٽ خلاف تحريڪ هجي، هارين جي هلچل هجي، “نيلام بند ڪريو” يا ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ لاءِ ڪيل جدوجهد هجي يا وري جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ (ايم آر ڊي) هجي، انهن تحريڪن ۾ سنڌ جي عورتن به ڀرپور نموني حصو ورتو ۽ عوامي جدوجهد ۾ سنڌ جا ساڃهه وند ۽ سياسي ڪارڪن پٺتي نه رهيا، انهن جيل ڪاٽيا، ڦٽڪا کاڌا، انهن جي ڪتابن تي پابندي لڳي، پريسون سيل ڪيون ويون، انهن کان سندن گذر جا وسيلا کسيا ويا، پر انهن آڻ نه مڃي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته. جهڙي حالت گذريل ڏيڍ ڏهاڪي ۾ ٿي آهي، اهڙي نڌڻڪائيءَ واري حالت سنڌ اڳي ڪڏهن به نه سنڀري. جهڙي نموني ايوب خان رائيٽرز گلڊ جوڙائي، اديبن کي چوڳو ڏيئي انهن جي قلم جو رخ پنهنجي حق ۾ موڙيو يا وري گهٽ ۾ گهٽ انهن کي مڏو ڪيو، هن وقت اهڙي ئي ساڳي حالت سنڌ ۾ به آهي. توڙي جو هتي هن وقت رائيٽرز گلڊ جهڙي تنظيم ته ناهي پر رائيٽرز گلڊ جهڙا ڪئين بي نام حلقا اهو ساڳيو ڪم پيا ڪن. دانا درٻارن جا سلامي آهن، عوام ڀوتارن جي رحم ۽ ڪرم تي آهي.

سنڌ جي ساڃهه وندن توڙي سنڌ دوست سياسي ڌرين مزاحمت ۽ قلم سان جدوجهد وارو پنهنجو ڪردار وساري ڇڏيو آهي، جنهن تاريخي ڪردار ڏانهن موٽ کائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي اديبن کي اڻ اعلانيل ۽ بي نام رائٽرز گلڊ جهڙي ڪردار مان جند آجي ڪرائي سانگيئڙن جو سهارو بڻجڻو پوندو. ڀوتارڪي بالادستيءَ خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي. سنڌ جي سياسي ڌرين کي ڪارنهن جي الزامن هيٺ عورتن جي قتل خلاف به آواز بلند ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي اسان صحيح معنيٰ ۾ سنڌي قوم جو ضمير سڏرائڻ جا حقدار بڻجنداسين.