لاڙڪاڻو: دارالامان ۾ آرتي عرف عائشه سان سندس پيءُ ملاقات ڪئي. ان ڏس ۾ آرتي جي پيءُ ڊاڪٽر نامون مل دارلامان ۾ پنهنجي ڌيءُ سان ملاقات جي تصديق ڪندي چيو ته هن ڌيءَ آرتي سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن سان مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته مون کي اميد آهي ته هوءَ عدالت ۾ پيش ٿيڻ وقت اسان جي حق ۾ بيان ڏيندي. هن چيو ته اهڙي واقعي بعد اسين سمورا گهر ڀاتي سخت پريشانيءَ جي ور چڙھيل آهيون، مون سان پنهنجي برادري گڏ آهي جن هر وقت منهنجو ساٿ ڏنو آهي ۽ مستقبل ۾ به اسان جو ساٿ ڏيندي.