دادلغاري(ن پ ا) دادلغاري ويجھو منظور احمد اعواڻ ۾ ڳوٺاڻي غلام فريد جي چلهه مان اٿندڙ چڻنگ 10 گھرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، باھه متاثرين ۾ غلام نبي جتوئي، وريام لغاري، نورمحمد، حاجي لغاري، جميل اعواڻ سميت ٻيا شامل آھن، متاثرن پنھنجي اخبار سان ڳالھيندي ٻڌايو ته باھه جي شددت وڌيڪ ھجڻ ڪري گھرن اندر بيٺل 8 ٻڪريون 2 مينھون 5 نياڻين جو ڏاج 2 موٽر سائيڪل ۽ گھريلو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثر پاران بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود فائربرگيڊ عملو نه پھتو ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھه تي ضابطو آندو متاثر پاران ڊي سي گھوٽڪي واھر جي اپيل ڪندي چيو ته آسان کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھيون سمورو سامان سڙي ويو آھي کين مدد ڪئي وڃي.