دادلغاري(ن پ ا) دادلغاري ويجھو ڳوٺ گلاب شر جا 2 پورھيت نثار احمد شر ۽ عبدالرزاق شر سکر کان واپسي ايندي رستي کان پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن، وارثن شوڪت بوزدار پنھنجي اخبار سان ڳالھيندي ٻڌايو ته ٻئي نوجوان سول سکر اسپتال مان طبيعت ڏيکارڻ ويا هئا اتان واپسي ايندي رستي مان کين اڻڃاتل ماڻھن اغوا ڪيو آهي ۽ ٻنھي نوجوانن جي سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي، ويڊيو ۾ صاف ڏسي سگھجي ٿو ٻئي نوجوان ھڪ ان سڃاتل ماڻھو سان موٽر سائيڪل تي وڃي رھيا آھن وارثن موجب ته پورھيت جا نمبر مسلسل بند پيل آھن، لوڪيشن ڪڍرائڻ تي پتو پيو ته ٻنھي جي لوڪيشن غوثپور ۾ اچي رھي آھي جنھن تي اسان کي شڪ آھي ته اسان جي ٻئي پورھيتن کي اغوا ڪيو ويو آھي.