داد لغاري (ن پ ا) داد لغاريءَ ڀرسان ڳوٺ نبي بخش پتافيءَ ۾ معصوم ٻارڙو گھر اڳيان بيٺل پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، پنجن ورھين جو نينگر ڪامران مڱڻهار گھر اڳيان بيٺل برسات جي پاڻيءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو. معصوم نينگر جي فوتگيءَ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو.