دادو ( رپورٽر ) ميونسپل ڪاميٽي جي ماهوار 4 ڪروڙ بجيٽ رکڻ باوجود دادو شهر جي 24 وارڊن ۾ گندگي جا ڍير پيل آهن، لکين روپيا گاڏين جي مرمت تي خرچ ڏيکارڻ باوجود دادو ميونسپل ڪاميٽي جو گاڏيون وچ شهر ۾ خراب ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهن ، غريب آباد پاڙي مان گند ڪچرو کڻندڙ ٽريڪٽر ٽرالي خراب ٿيڻ تي ميونسپل جي وڌيڪ هڪ ٽريڪٽر ٽرالي گهرائي وئي جيڪا گند ڪچري سان ڀريل حالت ۾ خراب ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي کي ٽوچن ڪري ڪاهي وڃڻ دوران شهرين اهڙي وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، جنهن بعد ميونسپل انتظاميا مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي ته ميونسپل ۾ ڪروڙين روپين بجيٽ مان هر مهيني لکين روپيا مرمت تي خراچ ڏيکارڻ باوجود گند ڪچرو کڻندڙ گاڏيون توڙي لوڊر رڪشا خراب حالت ۾ هئڻ ڪري شهر جي اڪثر پاڙن ، ڪالونين ، چوڪن ، چوراهن تي گند ڪچري جا ڍير پيل آهن.