دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان انب موري لڳ ٻرڙا شاخ مان 3 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل 9 سال جي رحمان پٽ علي اڪبر ملاح جو لاش هٿ آيو. آهي ، نينگر جو لاش شاخ ۾ ترندو ڏسي ڌنارن ۽ ڳوٺاڻن اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو ، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگر جو لاش شاخ مان ٻاهر ڪڍرايو، موجود ماڻهن نينگر جي سڃاڻپ ڪئي ، پوليس نينگر جو لاش کڻائي وارثن کي گهر پهچائي آئي ، 29 ، آڪٽومبر تي نينگر جي پيء اڪبر ملاح اي سيڪشن ٿاڻي تي پٽ جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي هئي ، جنهن جو 3 ڏينهن کانپوءِ لاش هٿ اچڻ باوجود پوليس نينگر جي لاش جو پوسٽ نه ڪرايو ، نينگر جي پيء ٻڌايو ته سندس پٽ 28 آڪٽومبر تي پراسرار نموني گم ٿي ويو هو ، مٽن مائٽن ۾ ڳولها ڪرڻ باوجود هٿ نه اچڻ تي 29 ، آڪٽومبر تي اي سيڪشن ٿاڻي تي پٽ جي گمشدگي جو رپورٽ داخل ڪرائي هئي ، اسان غريب ، بي پهچ آهيون ، گهر گهاٽ ناهي ٻرڙا ۽ ڊيٽا شاخ جي وچ تي جهوپڙي اڏي ويٺا آهيون ، 4 سال اڳ انتظاميا اسان جا گهر حددخليون ڄاڻائي ڊاهي پٽ ڪيا ، پوليس پٽ جو لاش گهر پهچايو ، وڌيڪ اسان کي ڄاڻ ناهي.