دادو(رپورٽ: فتاح شيخ) دادو جي ڪچي جي پوليس ٿاڻي سعيدپور جي حد ۾ ڳلو ڪپي بيرحمي سان قتل ڪيل 14 سالن جي نينگر حسنين پٽ عبدالرزاق ميڻو جو قاتل سندس ڀاءُ راجا علي ميڻو نڪتو آهي، جنهن کي سعيدپور پوليس گرفتار ڪري سندس قبضي مان واقعي ۾ استعمال ڪيل ڇري پڻ هٿ ڪري ورتي آهي، سعيد پور ٿاڻي جي ايس ايچ او خير محمد سمون رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته جاچ دوران قتل ڪيل نينگر حسنين جي ڪپڙن ۽ جسم تان حاصل ڪيل فنگر پرنٽ سندس ڀاءُ راجا علي ميڻو سان ميچ ٿيڻ تي کيس حراست ۾ وٺي کائنس آڏي پڇا ڪئي، جنهن ڀاءُ حسنين کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته سندس ڳوٺ جي هڪ ڇوڪريء سان ناجائز لاڳاپا آهن، جنهن سان گڏ ڏسڻ تي ڀاءُ بليڪ ميل ڪندي پئيسا گهرندو هو ، پئيسا نه ڏيڻ تي ڇوڪري جي مائٽن کي ٻڌائڻ جو چئي پئيسا وٺندو هو ، جنهن تان تنگ اچي کيس جهنگ ۾ وٺي وڃي سندس هٿ پير ٻڌي ڇڏيا ۽ وات تي ڪپڙو ٻڌي واپس ڳوٺ حاجي خان ميڻو موٽي آيس ۽ گم ٿيڻ ۽ کيس ڳولڻ جو ڊرامو ڪرڻ بعد صبح جو ڇري کڻي وڃي سندس ڳلو ڪپي کيس قتل ڪري واپس گهر موٽي آيس ، جوابدار جي اهڙي اعتراف کانپوء پوليس نشاندهي تي واقعي ۾ استعمال ڪيل ڇري پڻ هٿ ڪري ورتي آهي، پوليس واقعي بابت مقتول نينگر جي وارثن کي آگاھه ڪيو آهي. حسنين جو ڳلو کپي کيس بيرحمي سان قتل ڪندڙ ڀاءُ راجا علي ميڻو ڀاء واقعي واري هنڌ تان لاش کڻائڻ ۽ پوسٽ ماٽم لاءِ ڊي ايچ ڪيو اسپتال پهچائڻ تائين گڏ گڏ هو ۽ لاش ڳوٺ کڻائي وڃڻ ۾ گڏ گڏ هو . سعيد پور پوليس موجب ڳلو ڪپي قتل ڪيل حسنين پٽ عبدالرزاق ميڻو جي واقعي جو ڪيس اڄ سندس ماءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويندو.