دادو ۾ گرمي شهرين کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا، 2 ڄڻا بيهوش، مٿان وري بدترين لوڊشيڊنگ، اڄ هڙتال

0
35
دادو ۾ گرمي شهرين کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا، 2 ڄڻا بيهوش، مٿان وري بدترين لوڊشيڊنگ، اڄ هڙتال
دادو ۾ گرمي شهرين کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا، 2 ڄڻا بيهوش، مٿان وري بدترين لوڊشيڊنگ، اڄ هڙتال

دادو(رپورٽر ) دادو ۾ گرمي شهرين کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن، مٿان وري بدترين لوڊشيڊنگ سبب ويتر جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، جنهن سبب 2 ڄڻا بيهوش ٿي ويا. ان ڏس دادو ۾ گرمي پد 48 سينٽي گريڊ تي پهچي ويو آهي، گرمي لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار وقار احمد پنهور مٿي کي چڪر اچڻ سبب موٽر سائيڪل تان ڪري پيو، شهرين بيهوش ٿيل نوجوان کي پاڻي جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آڻڻ جي ڪئي ، هوش ۾ نه اچڻ تي کيس ڊي ايچ ڪيو اسپتال نيو ويو آهي، ڪاليج روڊ وٽ پڻ هڪ پيرسن بيهوش ٿي ڪري جنهن پڻ اسپتال نيو ويو. ٻئي پاسي دادو ۾ بجلي جي بدترين لوڊ شيڊنگ خلاف انجمن تاجران اڄ شٽر بند هڙتال ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو، گل حسن پنهور، غلام نبي لغاري، احمد خان زئونر جي اڳواڻي ۾ انجمن تاجران جي اڳواڻن دادو شهر جي واپارين، دڪاندارن وٽ پهچي شٽر بند هڙتال لاءِ پمفليٽ تقسيم ڪيا، انجمن تاجران جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته دادو ۾ 20/20 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪرڻ سبب واپارين، دڪاندارن جو روزگار ٺپ ٿي ويو آهي، مڪينڪ، ويلڊنگ، درزڪو ڪم ڪندڙ ۽ ڪارخانن تي ڪم ڪندڙ پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن، بدترين لوڊ شيڊنگ سڄو شهر مفلوج ٿي ويو آهي، دادو شهر ۾ سيپڪو عملدارن 20/20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي ، ڪاروبار سخت متاثر ٿيا آهن ، رات جو گهرن ۾ وڃون ٿا بجلي ناهي، جيسيتائين لوڊشيڊنگ نه گهٽائي ويندي، تيسيتائين احتجاج جاري رهندو.