دادو(رپورٽر ) گرمي جي موسم شروع ٿيندي ئي دادو ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪرڻ سبب واپارين ، دوڪاندارن جا ڪاروبار سخت متاثر ٿيڻ سان گڏ شهري وڏي عذاب کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ، دادو شهر ۾ 18 کان 19 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪرڻ خلاف انجمن تاجران واپارين جو احتجاجي ميڙاڪو ٿيو آهي، انجمن تاجران گل حسن پنهور، غلام نبي لغاري، احمد خان زئونر، رئوف مستوئي، ممتاز چنو ۽ ٻين واپارين ، دوڪارندارن دانهيو آهي ته اسان واپاري ۽ دوڪاندار ٽيڪس ادا ڪيون ٿا پر سيپڪو دادو جي سينئر سپريڊنٽ انجنيئر جي حڪم تي دادو جي ڪاروباري علائقن توڙي شهر ۾ 18 کان 19 ڪلاڪ بجلي جي بدترين لوڊ شيڊگ ڪرڻ سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن ، ڪارخانن تي ڪم ڪندڙ ، درزڪو ۽ مڪينڪ ، ويلڊنگ جو ڪم ڪم ڪندڙ سوين پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن، اسان جي شڪايتن جي باوجود سيپڪو عملدار بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿا گهٽائين نتيجي ۾ انساني آبادي سخت متاثر ٿي رهي آهي، پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي ، واپارين ۽ دوڪاندارن چتاء ڏنو آهي ته سيپڪو دادو جي راشي سينئر سپريڊنٽ انجنيئر کي هٽائي لوڊ شيڊنگ نه گهٽائي وئي ته 30 ، اپريل تي دادو شهر سميت ضلع جي ننڍن وڏن شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ايس پي چوڪ وٽ ڌرڻو هڻنداسين