دادو ( رپورٽر ) دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پنهور ۽ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ڌرين جا 12ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن ، امداد پنهور جي گاڏي کي ٽڪر لڳڻ تان ٻنهي ڌرين ۾ منهن ماري کانپوء ٻنهي ڌرين پنهنجا ماڻهون گهرائي اي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاء پهتا ته ڌرين جي ماڻهن هڪ ٻئي تي ڏنڊ ، سروٽن سان حملو ڪري ڏنو ، اڌ ڪلاڪ تائين ڌرين جا ماڻهون هڪ ٻئي ڊوڙائي، ڊوڙائي ڪٽيندا ٿاڻي ۾ اندر داخل ٿي هڪ ٻئي کي ڌڪ هڻندا رهيا، پوليس اهلڪار بيوس بڻجي ويا، جنهن سبب اڌ ڪلاڪ تائين اي سيڪشن ٿاڻو ميدان جنگ بڻيل رهيو، پوليس اهلڪار جمالي ڌر جي زخمين ۽ ٻين ماڻهن کي ٿاڻي ۾ اندر ڪري گرل جو دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ پوليس جهيڙي کي ٽارڻ لاء هوائي فائرنگ ڪئي، پوليس سان جهڙپون، منهن ماري ڪري پٿراء ڪيو ويو، جهيڙي ۾ امداد، عاشق، عبدالغني، احمد، فرحان پنهور، ٻي ڌر جا علي مردان، امجد، حامد جمالي، رحمان جمالي سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نيو ويو ، جتان امجد جمالي ۽ امداد پنهور کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ ۽ حيدرآباد نيو ويو آهي ، اي سيڪشن ٿاڻي ۾ ٿيل جهيڙي دوران پوليس ڪا به گرفتاري نه ڪئي، ٻنهي ڌرين جي ماڻهون پوليس اهلڪارن سان منهن ماري ڪندا نڪري ويا آهن، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور مصطفي پٺاڻ ٻڌايو ته خونريزي کان بچائڻ لاء پوليس ڪاروائي نه ڪئي وئي، هاڻي ٻنهي ڌرين خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.