دادو(رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو ، دادو، دواٻو لنڪ روڊ تي ڳوٺ نو لکو ڀرسان هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي خدآباد ٿاڻي جي اهلڪار 53 سالن جي ذوالفقار پنهور پٽ محمد عثمان پنهور تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ کانپوءِ ڪليڪشنڪوف ۽ پسٽل جون گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ کانپوءِ هٿياربند اهلڪار جي سرڪاري رائيفل، روڪ رقم ۽ موبائل سيٽ کڻي ويا ۽ سندس موٽر سائيڪل ڦٽو ڪري ويا آهن ، واقعي کانپوء اهلڪار جو لاش ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو ، پوسٽ ماٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، جيڪي لاش کڻائي مڏ شريف ڀرسان ڳوٺ رشيد پنهور ۾ گهر پهتا ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ، ايس ايس پي دادو ڊي ايچ ڪيو اسپتال نه اچڻ تي قتل ڪيل اهلڪار جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو ، شام جو دير سان اهلڪار جي ڳوٺ جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي ايس پي، ايس ايچ اوز شرڪت ڪئي، خدآباد ٿاڻي جي ايس ايچ او منظور مستوئي ٻڌايو ته شهيد ٿيل اهلڪار ذوالفقار پنهور جي مختيار ننگر پڪٽ تي ڊيوٽي هئي، فجر جو ڊيوٽي تان واپس ڳوٺ پئي ويو ته ڪار ۾ سوار 5 هٿياربند کيس روڪي سرڪاري رائيفل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن مٿس تشدد ڪرڻ کانپوءِ کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو آهي، اهلڪار جي وارثن چيو آهي ته مقتول اهلڪار جي ڪنهن سان دشمني نه هئي، واقعو نج ڦر جو آهي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث حقي جوابدار گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو احتجاج ڪندا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ايس ايچ او خدآباد جو چوڻ آهي ته جيڏي مهل به وارث ايندا ته ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. قتل ڪيل اهلڪار ذوالفقار پنهور 6 جون 1996ع ۾ ڀرٿي ٿيو ، 31 سال سروس ڪئي ۽ 2031ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻو هو ، اهلڪار کي 2 پٽن ، 2 نياڻين جو اولاد آهي .
شڪ جي بنياد تي 3 ڄڻا گرفتار: جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم
دادو: ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي اهلڪار جي شهادت واري واقعي هنڌ پهچي جائزو ورتو ۽ اهلڪار ذوالفقار پنهور جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي دادو سلطان احمد چانڊيو ، ايس ايچ او خدآباد منظور احمد مستوئي، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او نور مصطفا پٺاڻ تي مشتمل ٽيم جوڙي ورتي آهي، خدآباد پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي شڪ جي بنياد تي 3 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي، پوليس موجب هٿياربند ڦورن وٽ شهيد ڪيل اهلڪار ذوالفقار پنهور جو موبائل سيٽ آن هو ، ٽيڪنيڪل بنيادن تي واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي 48 ڪلاڪن اندر ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو .