دادو ( رپورٽر ) دادو جي ڊي اي او سيڪينڊري آفيس ۾ اڪائونٽنٽ پاران هٿيارن سان مسلح ماڻهن سان گڏ حملو ڪري هيڊ ڪلرڪ نياز محمد کي زخمي ۽ فائرنگ ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڊي اي او سيڪنڊري آفيس جي تالا بندي ڪئي وئي. ڊي اي او سيڪنڊري محمد موسا کوکر ، محمد ايوب. مگسي، رحمان ملاح ۽ مرتضيٰ کوسو جي اڳواڻي وڏي انگ ۾ ملازمن اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خلاف ڊي اي او آفيس کان احتجاجي مظاهرو ڪري ايس پي آفيس تائين مارچ ڪرڻ کانپوءِ ايس ايس پي آفيس جي مک گيٽ وٽ دادو ، لاڙڪاڻو انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي ٻن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي. هنن دانهيو آهي ته پهريون ڀيرو ڊي اي او آفيس ۾ فائرنگ ۽ جهيڙي جو واقعو پيش آيو آهي ، ايف آء آر داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري، اسان آفيسر توڙي ملازم غير. محفوظ ٿي ويا آهيون ، واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته آفيس جي تالا بندي ۽ احتجاج. جو سلسلو جاري رهندو.