دادو ( رپورٽر ) ڊي اي او سڪينڊري دادو جي آفيس ۾ اڪائونٽنٽ ۽ هيڊ ڪلرڪ جي وچ ۾ منهن ماري کانپوء جهيڙو ٿي پيو ، هيڊ ڪلرڪ نياز محمد پريو تي ڪرسين ، لتن ، مڪن سان وحشياڻو تشدد ڪري کيس زخمي ڪيو ويو آهي ، جهيڙي دوران آفيس اڪائونٽنٽ ممتاز ميراڻي ۽ ساڻس گڏ آيل هٿيارن سان مسلح ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ملازمن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ خوف حراس پکڙجي ويو ، زخمي هيڊ ڪلرڪ نياز محمد پريو کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، زخمي ڪلرڪ دانهيو آهي ته اڪائونٽنٽ ممتاز ميراڻي 3 هٿيارن سان مسلح ماڻهن سان آفيس پهچي مونکي چيو ته تون منهنجي جاء تي آڊر ڇو ڪرايو آهي ، آفيس ۾ ٻاهر نڪرڻ جو چيو نه نڪرڻ تي پسٽل ڪڍي فائرنگ ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهن مون پسٽل جي بٽ جا ڌڪ ، ڪرسيون هڻي زخمي ڪيو آهي ، اي سيڪشن ٿاڻي تي هيڊ ڪلرڪ نياز محمد پريو جي فرياد تي اڪائونٽنٽ ممتاز علي ميراڻي سميت 4 ڄڻن خلاف جهيڙي ، مارڻ جي ارادي سان فائر ڪرڻ ۽ ڊيوٽي ۾ خلل وجهڻ جي قلمن هيٺ ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي.