دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ۾ عوامي فورم جي سڏ تي پراڻي سول اسپتال جي بحالي، شهرين تي دهشتگردي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ، نرسنگ جي شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ، وينيٽيليٽر چوري ڪرڻ ۽ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن خلاف سوين ماڻهو روڊن تي اچي ويا، مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين عاشق حسين زنئور، جي ايم پنهور، ضمير ڪوريجو، خادم چانڊيو، نبي بخش هاليپوٽو، گلڻ ڀنڊ، سعيد سومرو، سرائي اڪبر پنهور، محمد امين وگهيو جي اڳواڻي ۾ ريلوي اسٽيشن کان احتجاجي مظاهرو ڪري اسٽيشن روڊ ۽ نيو چوڪ کان مارچ ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪلب آڏو ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي ٻن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، مظاهرين پاران وي سي لمس ڄامشورو اڪرام الدين اڄڻ ۽ ڊي ايچ ڪيو اسپتال جي ايم ايس خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا ، عوامي فورم جي اڳواڻن ۽ شهرين دانهيو آهي ته سول اسپتال ۽ ڊي ايچ ڪيو اسپتال جي الڳ الڳ حيثيت ۽ بجيٽ آهي ، ڪرپٽ ۽ راشي وي سي لمس اڪرام الدين اڄڻ سول اسپتال کي تالا هڻي ڊاڪٽر ، اسٽاف ۽ سموري بجيٽ ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪري ڪروڙين روپين جي ڪرپشن پيو ڪري ۽ سول اسپتال جا 14 وينٽيلٽر چوري ڪيا آهن ، جنهن خلاف اسان هاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ته اسان جي مٿان دهشتگردي ايڪٽ جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي ، ڊي ايچ ڪيو اسپتال انتظاميا ڪرپٽ ، ڪرمنل سوچ رکندڙ ماڻهن جي قبضي ۾ آهن ، جيڪي ڪروڙين روپين ڪرپشن ڪرڻ ، قيمتي مشنري چوري ڪرڻ ۽ نرسنگ نياڻين کي جنسي حراسا ڪري کين سپلاء وارن واقعن جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ، ٻي صورت ۾ هو ڀرپور احتجاج ڪندا.