دادو ( رپورٽر ) دادو جي ڊي ايچ ڪيو اسپتال ۾ ڊيلي ويجز تي مقرر ڪووڊ جي ڊسپينسرن فرحان شاھ ، وحيد منگي ، اسلم سولنگي ۽ فيصل برهماڻي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ۽ 7 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا ، مظاهرين دانهيو ته هو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو ۾ ڊيلي ويجز تي ڪووڊ ۾ ويڪسينيٽر مقرر ٿيل آهن ، 7 مهينن کان کين پگهارون ناهن مليون ، شڪايت ڪرڻ تي ڊي ايچ ڪيو اسپتال جي ايم ايس ساڻن بداخلاقي ڪري کين پنهنجي آفيس مان ڪڍي ڇڏيو آهي ، هنن مطالبو ڪيو آهي ته کين پگهارون ڏئي انصاف ڪيو وڃي ، ڊي ايچ ڪيو اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر زاهد جو چوڻ آهي ته ڪووڊ ويڪسينيٽر ڊي ايچ او جي انڊر آهن، مون ڪڏهن به ڪووڊ ويڪسينيٽر ڊيوٽي ڪندي ناهن ڏٺا ته انهن کي حاضري لسٽ ڇو صحيح ڪري ڏيان.