دادو ( رپورٽر ) دادو جي نيو سبزي منڊي ۾ چانھن جا پيسا گھرڻ تان لغاري ۽ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، ڌرين  هڪ ٻئي تي لٺين ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو، ھمت لغاري، امير، وحيد، امتياز، مختيار، سخاوت لغاري ۽ جمالي برادري جا اعظم جمالي ۽ ذولفقار جمالي سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ، جتان همت لغاري سميت 2 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال نيو ويو، اي سيڪشن ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين جي 15 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.