دادو ( رپورٽر ) دادو پوليس شاهاڻي پاڙي ۾ لال هندي قبرستان ڀرسان ڇاپو هڻي پ پ ايم پي اي پير مجيب الحق جي پرسنل سيڪريٽري، وڪيل شهمير چهواڻ جي ڀيڻ فهميده کي مڙس نور چهواڻ سميت گرفتار ڪري ورتو، پوليس گرفتار ڪيل زال ، مڙس کي وومين ٿاڻي تي آندو ويو ، وڏي انگ ۾ وڪيل به وومين ٿاڻي تي پهچي ويا ، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور مصطفي ٻڌايو ته فهميدھ ۽ سندس مڙس آئيس، چرس سپلاء ڪندا آهن، کين چرس سميت گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ مٿن منشيات ايڪٽ تحت گناھ نمبر 123/2025 تحت ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي، دٻاء آهي ته ڪيس داخل نه ڪيون. ٻئي طرف وڪيل ڪوڙا خان ميمڻ، فهيم آزاد گهلو سميت وڏي انگ ۾ پهچي گرفتارين تي سخت احتجاج ڪيو. وڪيلن جو چوڻ آهي ته پوليس بنا جواز جي وڪيل شهمير چهواڻ جي ڀيڻ کي مڙس سميت گرفتار ڪيو آهي ، فهميده ٻڌائي ٿي ته پوليس سندس گهر مان 5 لک روڪ، نياڻي جي ڏاج جا 2 سيٽ ۽ ٻيو سامان کنيو آهي.