دادو(رپورٽر) دادو پوليس ۾ آڊر نه ملڻ خلاف ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران احتجاج ڪيو ويو آهي، ظهير گاڏهي،  مبين سومرو ۽ زبير سولنگي جي اڳواڻي ۾ ويٽنگ اميدوارن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي علامه آء آء قاضي لائبروي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي هڪ ڪلاڪ تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ۽ آڊر نه ملڻ خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا، داهيو آهي ، سنڌ اسيمبلي ۾ گھرو وزير پاران ويٽنگ اميدوارن کي آڊر ڏيڻ واري اعلان کان پوء مختلف ضلعن ۾ آفر آڊر ڏنا ويا آهن پر دادو ۾ آڊر نه ٿا ڏنا وڃن،  آفر آڊر ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي ، ٻي صورت م هو ڀرپور احتجاج ڪندا