دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي محمد شاھ ڪالوني ۾ 9 مهينن کان پلاٽ جي تڪرار تان ، اي ايس آءِ عبدالرزاق پنهور ۽ ٻين نوجوان غلام مرتضيٰ ميمڻ کي زخمي ڪري وڌو آهي ، زخمي ٿيل نوجوان گهر ڀاتين سميت اي سيڪشن ٿاڻي تي پهتو ، اي ايس آءِ عبدالرزاق پنهور به ٿاڻي تي آيو ته زخمي نوجوان ۽ سندس ماءَ اي سيڪشن ٿاڻي ۾ اي ايس آءِ خلاف دانهون ۽ رڙيون ڪيون ، اي سيڪشن پوليس اي ايس آءِ عبدالرزاق کي حراست ۾ ورتو آهي ، زخمي مرتضيٰ ميمڻ دانهيو آهي ته پلاٽ جي تڪرار تان اي ايس آءِ عبدالرزاق پنهور ، نديم پنهور ۽ ٻين ڏنڊن ۽ بندوق جا بٽ هڻي زخمي ڪري موٽر سائيڪل ، موبائيل سيٽ ۽ رقم ڦري ويا آهن