دادو(رپورٽر) دادو ۾ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي پاران معصوم پريا ڪماري ، نويد لاشاري جي بازيابي لاءِ ۽ سنڌو درياء مان نوان 6  ڪئنال ڪڍڻ خلاف دادو پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ بنير کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين اعجاز ملڪاڻي ،حميد ميمڻ ، منصور پنهور ، احمد ملاح چيو ته معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاء شروع ڪيل جدوجهد کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو پر معصوم پريا ڪماري ۽ نويد لاشاري بازياب نه ٿي سگهيان آهن ، سنڌ پوليس جي دعوائن باوجود پريا ڪماري/ نويد لاشاري کي بازياب نه ڪرائڻ سنڌ حڪومت ۽ رياستي ادارا  ناڪام ٿي ويا آهن ، سنڌ پوليس نااهل پوليس طور هاڻ مشهور ٿي وئي آهي ، هنن چيو ته سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ جي حمايت ڪري پيپلز پارٽي سنڌ دشمن طور سامهون آئي آهي تاريخ هنن کي هاڏ غدار لکندي ، پيپلز پارٽي فوري طور ڪئنال جي مخالفت ڪري وفاق کان ڌار ٿي  نه ته ايندڙ اليڪشن ۾ سندس کي ووٽ نه ملندا ، سڄي سنڌ تباه ٿيندي پئي وڃي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شديد ٿي وئي آهي 6 ڪروڙ عوام پاڻي ڦڙي لاء تڙپندا پر هنن کي صرف پنهنجي حڪومت جي پرواھ آهي ، پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي چپ ڪري نه ويهندي، مظاهرين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور پريا ڪماري ۽ نويد لاشاري کي بازياب ڪرائي سنڌو درياء مان ڪئنال جو فيصلو واپس ورتون وڃي