دادو ( رپورٽر ) هاء ويز کاتي جي بااثر ٽينڊر ڪلرڪ پاران ٺيڪيدار اصغر ڀنڊ کي مليل 2، ٺيڪا پنهنجي ڀائٽي ۽ ٻئي ٺيڪيدار کي ڏيڻ خلاف دادو جي سينيئر سول جج جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪري ڇڏي آهي ، داخل ڪيل پٽيشن ۾ ٺيڪيدار ڊي سي دادو ، سپريڊنٽ انجنيئر هاء ويز ، هاء وي انجنيئر ، ٽينڊر ڪلارڪ ۽ ٻين کي ڌر ڄاڻايو آهي ، ٺيڪيدار اصغر ڀنڊ داخل ڪيل پٽيشن ۾ ڄاڻايو آهي ته کيس مليل ٺيڪا بڊ تي چڙهيل ، ٽينڊر ڪلرڪ ڳجھ ڳوھ ۾ غير قانوني طور اهي ٺيڪا سهيل شاهي ۽ ٻين کي ڏنا ويا آهن ، عدالت اهڙي پٽيشن تي نوٽيس جاري ڪري سومر ڏينهن ڌر بڻايل آفيسرن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي