دادو (رپورٽر) دادو ۾ ڪانٽريڪٽر ايسوسيئيشن سنڌ ضلع دادو جي ٺيڪيدارن صوبائي وزير سيد سردار شاھ ۽ ڊي جي قدير انصاري خلاف هٿن ۾ بينر کڻي دادو پريس ڪلب آڏو سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج. بعد پروفيشنل ٺيڪيدارن غلام شبير چنه، حبدار ڀنڊ، ميرحسن لنڊ نديم ڪورائي، عبدالحفيظ قمبراڻي، گل محمد چنه، احمد ملاح ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صوبائي وزير سنڌ سيد سردار شاھ حق حلال جي روزي ڪندڙ ٺيڪيدارن جو دشمن بڻجي ويو آهي ڊي جي قدير انصاري جي سرپرستي ۾ سڄي سنڌ جي 830 اسڪولن جي مرمت لاءِ آيل 80 ارب روپيا جا ٺيڪا ڪراچي جي وڏن ماڻهن جي نالي ڪري سنڌ جي سمورن ٺيڪيدارن سان ڏاڍائي پيو ڪري هنن چيو ته سيپرا 13 جي قانون جي ابتڙ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو سيڪريٽري موڪل تي ويل آهي وري ان جي نالي تي ٽينڊر ڪرائي سڄي سنڌ جي ٺيڪيدارن جي روزگار بند ڪيو پيو وڃي، ٺيڪيدارن سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري سنڌ ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته فوري 80 ارب جا ڪيل ٽينڊر ختم ڪري ٻيهر هر ضلعي جي ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو،