دادو (اسپورٽس نيوز) استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو ۾ يارهين ۽ ٻارهين پري انجنيئرنگ جي شاگردن جي ٽيمن وچ ۾ فٽبال ميچ ٿيو ، ٻنهي ٽيمن پاران هڪ هڪ گول سان برابر رهيا ، ٻنهي ٽيمن کي پنلٽي ڪڪ لاءِ 5 موقعا ڏنا ويا ، جنھن ۾ يارھين پري انجينئرنگ ٽيم 4 گول ڪري فتح پنهنجي نالي ڪئي , 4 گول ڪرڻ تي شاگرد مدثر کي مين آف ميچ ڏنو ويو، ان موقعي تي پرنسپال پروفيسر محمد عرفان چيو ته استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج دادو جي اسپورٽس مئنجمنٽ ڪاميٽي کي جس ھجي، جنھن ميگا ايونٽ پنهنجي شاگردن لاءِ رچايو آھي ۽ پنهنجي ڪاليج جي شاگردن لاءِ بهترين تربيتي ڪئمپ جوڙي آھي.