دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ وياجين کان تنگ اچي خودڪشي ڪندڙ دڪاندار 30 سال جي علي رضا ميمڻ جي ماءُ فهميده جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي امام الدين عرف ميرل پنهور ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادڻ موقف اختيار ڪيوته پٽ علي رضا منهنجي پينشن ۽ ڀينرن جي نالن تي بئنڪ مان قرض کڻي ۽ مختلف ماڻهن کان رقم وٺي 15 لک امام الدين عرف ميرل پنهور کي ڪاروبار لاءِ ڏنا، جنهن کيس پئسا واپس نه ڪيا، وياجين منهنجي پٽ تي دٻاءُ وڌو جنهن کان تنگ اچي منهنجي پٽ خودڪشي ڪئي آهي، جنهن جو ذميوار امام الدين عرف ميرل پنهور آهي. اي سيڪشن پوليس اهڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ باوجود ملوث ڄاڻايل جي گرفتاري لاء ڪو به تحرڪ ناهي ورتو.