دادو ( رپورٽر ) ايڇ ايس ٽي استاد ، دوڪاندار حامد قريشي مبينا وياجين جي ڊپ کان ڏيڍ مھينو گم رھڻ کان پوء پاڻمرادو دادو جي فرسٽ سول جج ، جوڊيشنل مئجسٽريٽ عرفان الله ڦل جي عدالت ۾ پيش ٿيو آهي ، عدالت کيس هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو آهي ، حامد قريشي صحافين کي ٻڌايو ته مان استاد آھيان ۽ واپاري به آھيان ، منهنجو شاھي بازار ۾ ڪپڙي جو دڪان آهي ، جن ماڻهن منهنجي مٿان ڪيس داخل ڪرايا آهن حقيقت ۾ انهن جي ايتري رقم نه آهي ، اھي واڌي ٿا گهرن ۽  مان ثابت ڪندس ۽  ڪيسن کي منهن به  ڏيندس ، انهن ماڻهن مونکي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ھيون ، مونکي ذھني ٽارچر ڪيو ويو مان خوف مان ڏيڍ مھينو شھر ڇڏي ھليو ويو ھيس ته ڪٿي اھي بااثر مونکي ماري لاش ئي منهنجو گم نه ڪري ڇڏين پر جڏهن مونکي خبر پئي ته منهنجي ۽ منهنجي بي گناھ ڀائرن مٿان ڪوڙيون ايف آء آرز درج ڪيون ويون آهن  انهيَ لاء مان اڄ پاڻمرادو عدالت ۾ پيش ٿيو آھيان.