دادو (رپورٽ: فتاح شيخ)  دادو شهر سميت سڄي ضلعي ۾ وياج جو ڪارو بار وڌي ويو. وياجين ڪيترائي گھر تباهه ڪري ڇڏي آهن. ڪپڙن کان وٺي کائڻ پيئڻ جي شين سميت هر شي تي وياج لڳڻ عام ڳالھ بڻيل آهي. ان ڏس ۾ دادو شهر ۽ ضلعي جي 4 تعلقن ۾ وياجين لکين گهرن کي تباھ برباد ڪري ڇڏيا آهن، وڏا وڏا واپاري ڪروڙ پتي مان ڪک پتي ۾ تبديل ٿي ويا آهن، دادو شهر سميت سڄي ضلعي ۾ وياجين کي پوليس ۽ سياسي ماڻهن سميت بااثر ماڻهن جي سرپرستي ۾ کليل  وٽ مليل آهي. ڪپڙن، ڪڻڪ، چانور، ڀاڻ، زرعي دوائن، سروس بوڪ، سون، فرينج، سمارٽ فون، ووڻن جي پوکي سميت هر شي تي 50 کان 70 سيڪڙو وياج وٺڻ لڳا آهن.، جڏهن روڪ رقم تي وياج جي شرح وياجي پنهنجي مرضي موجب لڳائڻ جو مالڪ بڻيل هوندو آهي.  دادو عوامي فورم جي چئرمين سردار عاشق زئور، گلڻ ڀنڊ، وريام سنڌي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته دادو شهر ۾ هوئن ته سوين وياجي موجود آهن جيڪي هر شي تي وياج ڏين ٿا جنهن جو ريٽ هو پنهنجي مرضي موجب ان وقت لڳائين ٿا ته وياج وٺڻ واري کي ڪيتري ضرورت آهي، اسلام ۾ وياج حرام آهي پر موجوده حالت ۾ وياج هڪ صاف سٿرو ۽ منافع بخش ڪاروبار بڻجي سامهون آيو آهي، وياجين سوين نوجوانن جي زندگي کسي ڇڏيو آهن پوليس سندس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ته پري جي ڳالھ آهي پر سندن خلاف ٿاڻي تي شڪايت کڻي ويندڙ کي حراسان ڪري موٽائي ڇڏي ٿي، دادو شهر جي هر چونڪ ۽ مک رستن تي سلائي مشين فرج، موبائيل فون، سون، گهر جي مرمت، فصل جي پوکائي جي نالي تي وياج ڏيڻ جا دوڪان کليل آهن جڏهن ته زرعي دوائون ۽ مختلف ٻج ڀاڻ وڪرو ڪندڙ هول سيلر پڻ هاڻ آبادگارن کي وياج جي ڏين ٿا وياج جو ريٽ وياج ڏيندڙ جي مرضي موجب هوندو آهي ، دادو ضلعي ۾ وڏي مشڪل سان ڪو ڪيس داخل به ٿيو هوندو ته ان ۾ گرفتاري ناممڪن هوندي ، دادو شهر جي وڏي حڪيم مرحوم امام بخش ٻٻر جنهن جي ٿرڙي محبت ۾ سوين ايڪڙ آباد زمين هئي جيڪا وياجين جي وياج ۾ هلي وئي، هاڻ دادو شهر اندر واڪ وي سي هلي رهيو آهن جن تحت پڻ وڏا واپاري پڻ وياجين جي نئي طرقي ۾ اچي برباد ٿي ڪک پتي بڻجي ويا آهن، دادو پوليس رڳو غريب لاء طاقت جو وڏو مظاهرو ڪندي آهي باقي وياجين سميت سماجي دشمن ڪاروبار ڪندڙن کي ڪجھ به نه ٿي چوي ، وياجين ۾ وڏا وڏا نالا شامل آهن جن جا سوين ملازم رکيل آهن جيڪي سري عام وياج هلائين ٿا ، هنن چيو ته پهرين تاريخن ۾ دادو شهر سميت ضلعي جي سمورين بيئڪن ۾ وياجين جا ماڻهون موجود هوندا آهن جيڪي سرڪاري ملازمن جا چيڪ پاس ڪرائي پنهنجي وياج جي قسط ڪٽي وڃن ٿا ، هڪ لک روپين تي هڪ سال لاء مٿان هڪ لک روپيا وصول ڪيو وڃي ٿو ، جڏهن ته سمارٽ فون جنهن جي قيمت 50 هزار کان 70 هزار هجي ته ان مٿان 60 هزار وياج مقرر ڪيو وڃي ٿو ۽ فرج تي فرج جي اڌ رقم وياج لڳي ٿو، زرعي ڀاڻ، ٻج تي 6 مهينن تائين کليل ٻج ۽ ڀاڻ جي رقم جو 50 سيڪڙو وياج مقرر ٿيل آهي جنهن تحت ماهوار وياج خور ڪروڙين روپيا صرف وياج ۾ وصول ڪن ٿا جڏهن ته وياج ۾ ورتل رقم ساڳي رهي ٿي، دادو ضلعي ۾ ننڍا وڏا وياجين جو تعداد هڪ هزار کان مٿي آهي جن مختلف شعبه ٺاهي ڇڏيا آهن ، ڪو لوھ، سمينٽ، بجري ۽ ڪو وري سون، ڪپڙا، ۽ ڪو وري سمارٽ فون،فرج، ڪپڙن ڌوئڻ واري ميشن،سولر پليٽ ته ڪو وري زرعي دوائن، ڀاڻ، ٻج ۽ ڪئي وري روڪ رقم ٿي تي وياج ڏين ٿا جن جي شرح ريٽ پنهنجي مرضي جو آهي وياج ڏيندڙ  خالي دستاويز تي وياج وٺندڙ کان صحيح ڪرائي پوء ان کي سڄي زندگي لاء قيد ڪري ڇڏي ٿو سندن جي مرڻ بعد سندس گهر ملڪيت تي قبضو ٿي وڃي ٿو اگر سرڪاري ملازم آهي ته ان جي پيشنر ۽ ٻيو مراعتون وٺي باقي نالي ماتر رقم واپس ڪري سخاوت جي مثال قائم ڪري ٿو،

ملڪي قانون ۽ آئين تحت وياج خور خلاف مختلف سزائون رکيل

دادو : دادو بار جي ميمبر ۽ هاء ڪورٽ جي سينئر وڪيل پير هني رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته دادو ضلعي سميت پوري سنڌ ۾ وياج هڪ ناسور بيماري بڻيل آهي جنهن سان هزارين نه پر لکين گهر تباھ ٿيا آهن ۽ لکين گهر تباهي جي ڪناري تي پهتل آهن، پاڪستان جي قانون ۽ آئين تحت وياج خور خلاف مختلف سزائون آهن ، تازو 2023 ۾ سنڌ اسيمبلي مان وياج خلاف قانون پاس ٿيو آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 سال ۽ وڌ کان وڌ 7 سال سزا آهي ، وياجين وٽ ڦاٿل ماڻهون زباني شڪايتون ته ڪن ٿا پر ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ڪير به تيار نه آهي، سڀني کي خبر آهي ته هي شخص وياج هلائي ٿو پر سندس خلاف آواز بلند ڪرڻ لاء ڪير تيار نه آهي ، وياج جي مختلف نوعيت آهن ڪئي ڪپڙن، سبزي جي ٻج ڪي وري ڀاڻ، سون، سولر پليٽ، روڪ رقم، گهر جي مرمت، پگهارن تي، ڪئي وري سمارٽ فون، ٻارن جي تعليم، پٽ ۽ ڌي جي شادي جي سامان تي وٺن ٿا اهي سڀ وياج جو قسم آهن اهيو وياج ڏيندڙ تي آهي هو ڪيترو وياج وٺي ٿو ۽ ماهوار يا سال يا 6 مهينن تي وياج ڏئي ٿو، دادو شهر جا 80 سيڪڙو واپاري پڻ وياجين وٽ مختلف طريقن سان قيد آهن پر انهن خلاف ڪير ڳالهائڻ لاء تيار نه آهي هتي وڏو سسٽم جوڙيل آهي، هاڻ ڪارن ۽ موٽرسائيڪل ، جنريٽر تي پڻ وياج جي ريٽ مقرر ڪيو ويو آهي،

 

قرآن ۾ صاف لکيل آهي ته وياج حرام ۽ الله سان جنگ ڪرڻ برابر آهي: عالم/ مذهبي اڳواڻ

دادو: دادو اهل تشيع جي نوجوان مذهبي اسڪالر سيد مهدي عباس شاھ ڪاظمي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وياج جي بابت قرآن شريف ۾ صاف لکيل آهي ڪاروبار حلال آهي پر وياج حرام آهي ، قرآن شريف جي سورت 2 البقره جي آيت نمبر 275، آيت نمبر 278، آيت نمبر 130 ۾ وياج بابت واضع آهي فرقه جعفريه ۾ وياج ۽ انهن جي ڪاروبار تي سخت پابندي آهي ان سان گڏ آل محمد جون سخت حديثون ۽ قول موجود آهن ، وياج شرعي حساب سان حرام ۽ دنياوي حساب سان ظلم ۾ شمار ٿئي ٿيو، ان اهم مسئلي تي امت مسلمه کي هڪ جڳھ تي بيهي ان جي خاتمي لاء عملي قدم کئڻ جي سخت ضرورت آهي ، جڏهن اهل سنت جي مولوي المدني الطاف حسين عطاري چيو ته اسلام ۾ وياج مڪمل طور حرام تصور آهي پر هتي ان جي ڪاروبار کي جائز قرار ڏئي ان کي ڪاروبار جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو دين جي خلاف قدم آهي، الله ۽ ان جي رسول ڪريم وياج کي حرام ۽ ان جي ڪاروبار ڪندڙ کي جهنمي قرار ڏنو آهي ، هي معاشري لاء تمام خطرناڪ آهي غريب ۽ مستحق ماڻهن جو حق غضب ڪرڻ جي برابر آهي دين ۾ وياج جي گنجاش نه آهي ان لاء وياج تي پابندي سان گڏ ان جي ڪاروبار ڪندڙ کي پڻ سخت سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي،

ضلعي جو هر ٽيون ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سبب وياجين وٽ ڦاٿل

دادو : دادو شهر جي واپاري رانا عابد ۽ چئمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر محمد اقبال چارڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته دادو ضلعي جو هر 3 رهواسي ڪنهن نه ڪنهن سبب وياجين وٽ ڦاٿل آهن پر ظاهري طور ڪير به دانهن ڪرڻ لاء تيار نه آهي ڪنهن جي زمين ته ڪنهن جو گهر ۽ ڪنهن جو وري دڪان ٻيو گهڻو ڪجھ وياجين وٽ گروي ٿيل آهي ، اصل ۾ قانون ته ڪافي ٺهيل آهن پر انهن تي عمل ڪير ڪرائي قانون تي عمل ڪرائڻ لاء ادارا ۽ ان جا آفيسر موجود آهن پر اهي وياج ۽ ٻين وٽ يرغمال بڻيل آهن، دادو ضلعي اندر پوليس وٽ منشيات فروشن ۽ ان جي ساٿارين جي رپورٽ موجود آهي ته وياجين جي به لسٽ موجود آهي پر اها لسٽ اي سي واري ڪمرن جي سونهن ۾ بڻيل آهن، سري عام غريب ۽ بي يارو مددگار ماڻهن جو معاشي قتل ڪندڙن جي خبر هجڻ باوجود انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آهن، ضلعي جا ڪيترائي سرڪاري ننڍا وڏا ملازمن وياجين وٽ يرغمال آهن جن جو انگ هڪ هزار کان مٿي آهي ۽ انهن جا سروس بوڪ کان چيڪ بوڪ وياجين وٽ پيل آهن، هاڻ وياج ۾ فصل جا فصل وڃن پيا وياجين وٽ آبادگار، زميندار، دوڪاندار،هول سلير، سرڪاري ملازم ، پيشنر ، مزدوري ڪندڙ سميت هر طبقي جو ماڻهون هن وٽ اچي ٿو جيڪو اچي پنهنجي مرضي سان ٿو پر وڃي ان وياجي جي مرضي سان ٿو ۽ وياجي به ان وقت تائين ان ماڻهون کي ڇڏي نه ٿو جيستائين ان جي زندگي ختم نه ٿي وڃي، سنڌ حڪومت ۽ ٻين کي گهرجي ته فوري طور وياج جي قانون تي عمل ڪرائي لکين انساني جانين سان گڏ لکين خاندان کي بچائي هي گندو ڪاروبار ڪندڙن کي سخت کان سخت سزا ڏياري غريب مسڪين ۽ هر طبقي جي ماڻهون جي جان بچائي وڃي