دادو(رپورٽر ) دادو ۾ سبزي منڊي جي واپاري نوجوان زوهيب پٽ توفيق شيخ گهر ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي، زوهيب گهر جو ڪمرو اندران بند ڪري پکي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کاڌو، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ دروازو ٽوڙي پکي ۾ ٽنگيل لاش هيٺ لاٿو ويو، فوتي جي پيءُ توفيق شيخ ۽ ٻين وارثن ٻڌايو ته زوهيب کي ڪابه پريشاني نه هئي کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي، خبر ناهي هن خودڪشي ڇو ڪئي آهي، اي سيڪشن پوليس موجب فوتي جي لاش جو پوسٽ ماٽم ڪرايو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.