دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ اسٽيشن روڊ وٽ موٽر سائيڪل سوار 3 هٿيار بند واپاري حسين کوکر جي ملازمن کي يرغمال بڻائي 8 لک روڪ ڦر ڪري ويا. واپاري حسين کوکر اي سيڪشن ٿاڻي تي 3 هٿياربندن خلاف اهڙي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي، واپاري موجب سندس ملازم بئنڪ مان 8 لک ڪڍرائي ٻاهر نڪتا ته هٿياربند ڦورن کين يرغمال بڻائي رقم ڦر ڪري ويا آهن.