دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي نيو بس اسٽاپ وٽ هٿيارن سان مسلح ماڻهن ايس ايڇ او ماڏو حضور بخش هنڱورو تي وحشياڻو تشدد ڪري کيس زخمي ڇڏيو آهي ، ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 5 ڄڻن سب انسپيڪٽر کي يرغمال بڻائي پسٽل جي بٽن ، لٺين ، لتن مڪن سان وحشياڻو تشدد ڪري کيس روڊ تي ڪٽندا رهيا ، هٿيارن سان مسلح ماڻهن سب انسپيڪٽر سندس پستول به کسي ورتو ، 15 منٽن تائين هٿيارن سان مسلح ماڻهون سب انسپيڪٽر تي تشدد ڪندا رهيا پر پوليس نه پهتي ، سب انسپيڪٽر کي روڊ تي تشدد جو نشانو بنائڻ سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهون گڏ ٿي ويا ، زخمي سب انسپيڪٽر کي موٽر سائيڪل تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نيو ويو ، ڪڪڙ واسي يار محمد ، بخت هنڱورو وارا ڦورو ۽ چور جن خلاف قانوني ڪاوائي ته انهن حملو ڪري زخمي ڪيو آهي. هوڏانهن سب انسپيڪٽر کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو بي سيڪشن ٿاڻي تي 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ، بي سيڪشن ٿاڻي تي سب انسپيڪٽر حضور بخش هنڱورو جي فرياد تي ڪاشف ، بخت ، يار محمد هنڱورو ، تاج محمد ۽ نظير سميت 6 ڄڻن خلاف ايف آء آر داخل ڪئي وئي ، داخل ڪرايل ايف آء آر ۾ سب انسپيڪٽر حضور بخش ڄاڻايو آهي ته مان ماڏو ٿاڻي ايس ايڇ او آهيان ، مٿيان جوابدار ڏوهاري آهن ، بالا آفيسرن جي هدايتن تي سندن گهرن تي ڇاپا هنيا جنهن تان هو کيس ڌمڪيون ڏيندا هئا ، ذاتي ڪم سان بس اسٽاپ وٽ پهتس ته مٿين جوابدارن لوهي سرين ، ڏنڊن جا ڌڪ هڻي زخمي ڪري موٽر سائيڪل ، روڪ رقم ڦر ڪئي آهي