دادو (رپورٽر ) دادو شهر جي غريب آباد پاڙي ۾ اهلڪار ڪامران جمالي جي 12 سالن جي پٽ علي سان زبردستي بدفعلي ڪئي وئي آهي، اي سيڪشن ٿاڻي تي اهلڪار ڪامران جي فرياد تي 3 ڄڻن فاروق، سني ۽ حق نواز ملاح خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته جڳھه ۾ مٿان جوابدار رنگ جو ڪم ڪري رهيا هئا ته پٽ علي کين چانھه ڏيڻ ويو ته سني ۽ حق نواز سندس پٽ کي ڄنگهن ، ٻانهن مان پڪڙي بيٺا ۽ فاروق ملاح سندس پٽ علي سان زبردستي بدفعلي ڪئي آهي.