دادو ۾ نينگري سان ٽن ڏينهن تائين اجتماعي زيادتي، وڊيو به رڪارڊ، 4جوابدار گرفتار

0
43
دادو ۾ نينگري سان ٽن ڏينهن تائين اجتماعي زيادتي، وڊيو به رڪارڊ، 4جوابدار گرفتار
دادو ۾ نينگري سان ٽن ڏينهن تائين اجتماعي زيادتي، وڊيو به رڪارڊ، 4جوابدار گرفتار

دادو (رپورٽر) دادو شهر ۾ چئن جوابدارن پاران مبينا طور 13ورهين جي نينگري سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي، بخاري ڪالوني واسي متاثر نينگري (ف س) پيءُ سان گڏجي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي ٻن سڃاتل جوابدارن اسرار پنهور ۽ جبار پنهور سميت 4 جوابدارن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي، پوليس نينگري کي ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، متاثر نينگري موجب، جوابدارن نشو ڏئي اغوا ڪري هڪ گهر ۾ بند ڪري ٽن ڏينهن تائين جنسي زيادتي ڪئي ۽ وڊيوز رڪارڊ ڪيون، هن چيو ته خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون، پوليس وڊيو ۾ نظر ايندڙ اسرار پنهور ، جبار پنهور سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

نياڻي جي هڪ هفتي اندر شادي ٿيڻي هئي، تاريخ به طئي ٿيل

دادو: جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايل نينگري پيءُ خدا بخش سولنگي چيو ته ڌيءُ کي چئن جوابدارن اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ۽ اعتراض جوڳيون وڊيوز به رڪارڊ ڪيون آهن، ڌيءُ جي هڪ هفتي اندر شادي ٿيڻي هئي، تاريخ به طئي ٿيل آهي، وحشي ظالمن نياڻي سان ظلم ڪيو آهي، کين عبرتناڪ سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

 

نينگري سان جنسي ڏاڍائي دوران رڪارڊ ڪيل وڊيوز وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

دادو: نينگري سان جنسي ڏاڍائي دوران رڪارڊ ڪيل اعتراض جوڳيون وڊيوز وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس ذريعن موجب واقعي ۾ ملوث جوابدارن ڪجھه ماڻهن کي وڊيوز پئسن عيوض وڪرو ڪيون آهن، جيڪي نينگري جي وارثن تائين پهتيون، نينگري وٽ موبائيل فون نه آهي، سندس مائٽ غريب آهن .