دادو (رپورٽر) دادو ۾ ٻئي ڏينهن تي به اسٽيشن روڊ وٽ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عقيلا جلباڻي پوليس سيڪيورٽي ۾ پهتي ته انجمن تاجران جي اڳواڻن ۽ دڪاندارن سندس گهيراءُ ڪيو ۽ سندس خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا، هل هنگامي سبب پوليس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي گاڏي ۾ ويهاريو ته دڪاندارن گاڏي جو به گهيراءُ ڪيو ۽ سندس گاڏي پٺيان شديد نعري بازي رهيا، پوليس اهلڪار فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي سندس آفيس پهچايو، انجمن تاجران جي اڳواڻن گل حسن پنهور، رئوف مستوئي، احمد زنئور جي اڳواڻي ۾ دڪاندارن ۽ واپارين احتجاجي مظاهرو ڪيو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا ۽ دانهيو آهي ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عقيلا جلباڻي دڪاندارن تي ناجائز طريقي سان ڏنڊ هڻي رهي آهي، غريب دڪاندارن تي هزارين رپيا ڏنڊ پئي هڻي، اسان جا اڳ ئي ڌنڌا ٻاڙا ٿي ويا آهن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي فوري طور تي دادو مان نه هٽايو ويو ته شٽر بند هڙتال ڪنداسين، ٻئي طرف فوڊ کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عقيلا جلباڻي جو چوڻ آهي ته مان نان فائيلر دڪاندارن وٽ ٽيڪس لائسنس چيڪ ڪرڻ پهتيس ته مون تي ٻئي ڏينهن تي به حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ گهٽ وڌ ڳالهايو ويو، حڪومت پاران نان فائيلر دڪاندارن کي ٽيڪس لاءِ رجسٽرڊ ڪرڻ جا حڪم آهن، پر واپاري ۽ دڪاندار هاڻي غنڊا گردي تي لهي آيا آهن، دڪاندارن کي حڪومتي شيڊول تحت ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، بليڪ ميلنگ ۾ نه اينديس، نان فائيلر دڪاندار ۽ واپاري گوڙ پيا ڪن، سندن خلاف ڪارروائي ٿيندي.