دادو(رپورٽر) دادو جي فورٿ سول جج جي عدالت ۾ مين پڙي گٽڪو وڪرو ڪرڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدار سمير ڀنڊ کي پروبيشن سزا ڏيندي 100 ٻوٽا پوکي هڪ سال تائين سار سنڀال ڪرڻ جي سزا ٻڌائي آهي، دادو عدالت جوابدار کي پيرول تحت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پروبيشن هوم ڊپارٽمينٽ کي جوابدار جي رپورٽ هر مهيني جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي، عدالتي حڪمن تحت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پروبيشن حبيب الله جوابدار کي ساڻ ڪري ڊسٽرڪٽ جيل ڀرسان ۽ سندس اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ٻوٽا پوکرايا آهن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر حبيب الله جو چوڻ هو ته هڪ سال تائين جوابدار سمير ڀنڊ وڻن جي سار سنڀال لهندو ۽ اگر ڪو وڻ سڙي ويو ته ٻيهر پوکيندو ، هن چيو ته هر مهيني جوابدار جي چال چلت ۽ وڻن جي سار سنڀال بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي، جوابدار سمير ڀنڊ خلاف دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي تي گناهه نمبر 184/2024 تحت سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل هو.