دادو ( رپورٽر ) ڊي سي هائوس جي گيٽ سامهون ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ آمهون ، سامهون ٽڪر ٿيڻ تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي ، جهيڙي دوران ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ سبب ميڊيڪل جو شاگرد 20 سالن جو ذاڪر پٽ حبيب الله جمالي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نيو ويو جتان طبي امداد ڏيڻ کانپوء ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال نيو ويو ، جتي زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو، مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ ماٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث فوتي جو لاش کڻائي خونڻ موري ڀرسان ڳوٺ پهتا ته ڪهرام مچي ويو ، ڊاڪٽرن موجب مقتول ذاڪر جمالي کي دماغ ۾ گهرا ڌڪ لڳڻ ۽ دماغ اندر رت وهڻ سبب سندس موت واقع ٿيو آهي ، مقتول نوجوان جي ڀاء نادر جمالي جو چوڻ آهي ته سندس ڀاء ذاڪر ميڊيڪل ۾ ٿرڊ ايئر ۾ هو ، مٽيء جي طوفان دوران معمولي ڳالھ تان سڃاتل جوابدارن ڀاء ذاڪر کي ڏنڊا ۽ سروٽا هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي ، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته وارثن ايندا ته ڪيس ته داخل ڪيو ويندو ، ٻئي طرف مقتول نوجوان ذاڪر جمالي جو مڙھ خونڻ موري ڀرسان ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان دفنايو ويو آهي