دادو ۾ مقامي راڳي بشير سولنگي شراب رکڻ جي الزام ۾ گرفتار

0
24
دادو ۾ مقامي راڳي بشير سولنگي شراب رکڻ جي الزام ۾ گرفتار
دادو ۾ مقامي راڳي بشير سولنگي شراب رکڻ جي الزام ۾ گرفتار

دادو(رپورٽر ) دادو سي آءِ اي پوليس جو ايس ايس پي آفيس سامهون رڪشا کي روڪي تلاشي وٺڻ دوران راڳي بشير سولنگي کان 20 کان 25 شراب جو بوتلون هٿ ڪري کيس گرفتار ڪري وومين سيل تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي،  وومين سيل پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي رڪشا جو پيڇو ڪيو ته ايس ايس پي دادو آفيس آڏو رڪشا کي ٻن پوليس اهلڪارن روڪيو ته پاڻ کي راڳي سڏائيندڙ بشير سولنگي کان شراب جو 20 کان مٿي بوتلون هٿ ڪري سندس کي لاڪپ ڪيو آهي ، واقعي جو اطلاع ايس ايچ او سي آءِ اي کي ڏنو آهي، جنهن جي حڪم بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، هوڏانهن دادو وومين سيل تي شراب اچڻ جي بوتل هٿ اچڻ ۽ گرفتار ٿيل راڳي کي ڇڏڻ لاءِ ڊيل هلندڙ آهي، واقعي کي لئه مٽ ڪرڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهون وومين سيل ٿاڻي تي پهچي ويا آهن.