دادو (رپورٽر) دادو ۾ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن پريا ڪماري، سويرا چانڊيو، نويد لاشاري جي بازيابي لاءِ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين اعجاز ملڪاڻي، عبدالحميد ميمڻ، منصور پنهور، ظفر کوسو، سڪندر کوکر، احمد ملاح، حسين جمالي، سڄڻ کوکر، پرويز ٿهيم، اياز، ساجد ملاح، ظفر علي، زين، عبيد چانڊيو، مهدي چنا، عالم شاهاڻي، عرض محمد، سراج الدين سومرو، ياسر قاضي ۽ ٻين چيو ته گذريل ٽن سالن کان پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي آهي پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي پر سنڌ حڪومت توڙي سنڌ پوليس پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ اندر ٻارڙن کي اغوا ڪيو پيو وڃي هتي ڪوبه شهري محفوظ ناهي، مظاهرين مطالبو ڪيو ته سنڌ مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جا سلسلا جاري رهندا.