دادو ۾ معصوم نينگر سان بدفعلي: بيهوشي حالت ۾ اسپتال منتقل

0
17
دادو ۾ معصوم نينگر سان بدفعلي: بيهوشي حالت ۾ اسپتال منتقل
دادو ۾ معصوم نينگر سان بدفعلي: بيهوشي حالت ۾ اسپتال منتقل

دادو(رپورٽر) دادو جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان لطيف شاھه ڪالوني ۾ 4 سالن جي معصوم نينگر ساحل پٽ ابوبڪر ڀنڊ سان مبينا طور وحشي جوابدار بدفعلي ڪري نينگر کي بيهوشي جي حالت ۾  گهر آڏو ڦٽو ڪري ڀڄي ويو آهي، نينگر کي سندس پيءُ بيهوشي جي حالت ۾ کڻائي ڊي ايچ ڪيو اسپتال پهچايو، جتي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ معصوم نينگر کي هوش ۾ آندو ويو آهي، ڊيوٽي ڊاڪٽر نينگر سان بدفعلي جي تصديق ڪئي آهي، ابوبڪر ڀنڊ داهيو آهي ته سندس معصوم پٽ راند کيڏندي گهر کان ٻاهر نڪتو ته پاڙي ۾ امير سولنگي جي پٽ منهنجي معصوم پٽ کي زبردستي کنڀي کڻي ويو ۽ ساڻس بدفعلي ڪئي آهي، پٽ کي رتورت ۽ بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال پهچايو آهي، سندس پٽ سان ظلم ڪندڙ خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او بينظير جمالي جو چوڻ آهي ته جوابدار ڀڄي ويو آهي، جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو ، نينگر جو پيءُ جيڏي مهل به ايندو ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.