دادو(رپورٽ: فتاح شيخ) دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مرکپور پاڙي ۾ ڊي ايچ او آفيس ڀرسان پورهيت امير ٻٻر جي 7 سالن جي معصوم نينگري فلڪ ٻٻر سان 2 ڄڻن پاران مبينا جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي آهي ۽ نينگري کي بيهوشي واري حالت ۾ گهر آڏو کڏ ۾ ڦٽو ڪري ڀڄي ويا آهن، نينگري کي وارثن بيهوشي جي حالت ۾ ڊي ايچ ڪيو اسپتال جي گائني وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، جتي کيس طبي امداد ڏيڻ بعد هوش ۾ آندو ويو آهي، ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ فلڪ ٻٻر سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ ميڊيڪل رپورٽ لاء سندس جزا ورتا ويا آهن ، فلڪ جي مامي محمد زمان ٻٻر جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي 2 ڄڻن ذاڪر سهتو، سونو سهتو خلاف زنا حدود آرڊيننس تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته فلڪ گهر ڀاتين سان گڏ مائٽن جي شادي تي آيل هئي، شيءَ وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتي ڊي ايچ او آفيس ڀرسان ٻنهي جوابدارن سندس ڀاڻج کي شيءَ وٺي ڏيڻ بهاني، ڊي ايچ او آفيس ڀرسان کڏ ۾ وٺي ويا ۽ ساڻس زبردستي جنسي زيادتي ڪئي آهي، پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار ذاڪر سهتو کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ سونو سهتو جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.