دادو ( رپورٽ: فتاح شيخ ) ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ماءُ جو علاج ڪرائڻ لاءِ ڊي ايڇ ڪيو آيل 16 سالن جو علي خان پٽ محمد ڇٽل سولنگي مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ويو آھي ، فوت ٿيل علي خان پنھنجي بيمار ماءُ مسمات حاڪم زادي کي ڏيکارڻ لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آيو ۽ پنھنجي طبعيت ڏيکاري ته کيس ڊرپ چاڙهي انجيڪشن هنئين وئي ته ري ايڪشن ٿيڻ سبب سندس جسم ۾ رڦڻي ٿيڻ لڳي ، نينگر جي ماءُ دانهون رڙيون ڪندي رهي پر 10منٽن تائين ڊاڪٽر توڙي اسٽاف نه پهچڻ ڪري علي خان ماءُ جي اکين آڏو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، فوتي جي ماءُ ۽ وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، فوتي نينگر جي وارثن پاران ڊاڪٽر ۽ اسٽاف خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو ، فوتي جي امڙ مسمات حاڪم زادي دانهيو آهي ته پٽ علي خان سولنگي مون کي علاج لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال وٺي آيو ۽ پاڻ به ڏيکاريو جنھن کي ڊرپ ۽ ان ۾ انجيڪشن لڳائي 5 منٽن اندر پٽ جي جسم ۾ رڦڻي ۽ سندس منهن پيلو ٿي ويو، مون دانهون، رڙيون ڪيون پر نه ڊاڪٽر آيو نه ڪمپائونڊر آيو،  منهنجو پٽ منهنجي اکين آڏو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو،  مونسان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، فوتي نوجوان نينگر جي وارثن جي احتجاج تي ايم ايس ڊاڪٽر امجد مستوئي فوتي نينگر جي ماءُ کي خاطري ڪرائي آهي ته 3 ، سينئر ڊاڪٽرن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي آهي ، جنهن جي غفلت هوندي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي،  جنهن کانپوءِ  وارث فوتي جو لاش ڇنڊڻ ڀرسان ڳوٺ ميرڻ سولنگي کڻائي ويا آهن