دادو ( رپورٽر ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائلڪورٽ جي جج قاضي نديم بدر جي عدالت قتل ڪيس جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار منظور احمد جهتيال کي ڦاهي ۽ 3 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ، سزا ٻڌايل جوابدار خلاف ٿرڙي محبت ٿاڻي تي سال 2020 ۾  سڱاوتي تڪرار تان نديم جهتيال پٽ پنهل جهتيال کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل هو جنهن ۾ جوابدار کي سزا ٻڌائي وئي ، سزا ٻڌائڻ کانپوء پوليس جوابدار کي پوليس جي سخت سيڪيورٽي ۾ لاڙڪاڻو جيل منتقل ڪيو آهي