دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان ڳوٺ رحم علي لنڊ مان هٿيارن جي زور تي مسمات روبينا لنڊ کي زبردستي اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف سندس پيء حسين لنڊ ، ماء سومري لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن معصوم ٻارن سميت هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هنيو ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته رخسانه ڌيء حيدر لنڊ جي مبينا طور اغوا واقعي جو جواز بنائي اياز ، الهڏتو ، ذوالفقار ، بچل لنڊ ۽ ٻين هٿيارن سان حملو ڪري پلاند ۾ روبينا کي زبردستي اغوا ڪري ويا آهن جنهن جي زندگي خطري ۾ آهي ، حسين ۽ مسمات سومري دانهيو آهي ته سندن ٻئي پٽ عنايت علي ، ادريس سعودي عرب آهن ، مبينا اغوا ٿيل رخسانه واقعي سان سندن ڪو به واسطو نه هئڻ باوجود رخسانه جا مائٽ اسان جي ڌيء کي اغوا ڪري ويا آهن ، هنن مطالبو ڪيو آهي ته اعلي عدالتون واقعي جو نوٽيس وٺي سندن ڌيء جي حياتي بچائين