دادو(رپورٽر ) دادو ڪورٽ ۾ حاضري تي آيل قيدن جو دادو جيل انتظاميا خلاف احتجاج ، قيدين ۽ سندن وارثن جو جوڊيشنل لاڪپ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو ، نظام، لکمير شاهاڻي، ڏاڏو شاهاڻي ۽ ٻين قيدين جيل انتظاميا خلاف داهيو آهي ته دادو ڊسٽرڪٽ جيل دادو ۾ اهلڪار غفار هڱورو 15 کان 20 هزار رشوت گهري ٿو ، رشوت نه ڏيڻ تي مٿن سخت تشدد ڪيو وڃي ٿو ، نسوار ۽ پاڻي نڪ ۽ وات ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ ماني بند ڪئي وڃي ٿي ، جيل اندر هڪ پوليس اهلڪار جيل سپريڊنٽ جي حڪم بنا اسان قيدن سان ظلم نه ٿو ڪري سگهي ، اسان جا وارث 15 کان 20 هزار هر مهيني آڻين جو هنن کي ڏين، جيل اندر اسان قيدن سان جيل عملي جو سلوڪ بهتر نه هجڻ جو پنهنجي وارثن کي ٻڌايو آهي، اسان ڏاڍ جبر برداشت ڪري ٿڪجي پيا آهيون، رشوت نه ڏيڻ تي اسان کي دادو جيل کان حيدرآباد جيل منتقل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون وڃن ٿيو ، هاڻ جيل عملي خلاف دادو سيشن جج آڏو پڻ اهڙي شڪايت ڪندا ، قيدين پاران صوبائي وزير جيل ۽ آء جي جيل کان مطالبو ڪيو آهي ته دادو جيل عملي کي تبديل ڪري تشدد ڪندڙ جيل عملي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين جيل مينيوئل تحت سهولتون ڏئي انصاف ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ هو جيل اندر بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪندا.