دادو ( رپورٽر) دادو ۾ قتل ڪيل شاگرد ذاڪر جمالي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء سوين شاگردن جو احتجاج ، جساف آريسر جي مرڪزي اڳواڻ فرقان پنهور ، عزيز قادر جمالي ، محمد حسين جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگرد جي وارثن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ، مظاهرين پاران شاگرد جي قاتلن جي گرفتاري لاء سخت نعريبازي ڪندا رهيا ، مظاهرين داهيو آهي ته ميڊيڪل جي شاگرد ذاڪر جمالي کي بيرحمي سان قتل ڪيو ويو، 45 ڏينهن گذرڻ باوجود قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا ، الٽو مقتول شاگر جي ڀائرن کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي هڪ ڀاء بابر جمالي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ، مظاهرين مطالبو ڪيو آهي ته شاگرد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.