دادو ( رپورٽر ) دادو جي ڪي جي گرلس هاءِ اسڪول انتظاميا خلاف شاگردياڻين ۽ سندن والد پاران اسڪول جي مک گيٽ وٽ سخت احتجاج ڪيو آهي ، نائين ڪلاس جي ڪائنات ۽ ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي ڪلثوم ڌيء علي نواز بلوچ داهيو آهي ته ڪلاس رومن جا پکا خراب ٿيڻ تي هڪ هڪ شاگردياڻي کان 200/200 رپيا چندو گهريو ويو نه ڏيڻ تي تشدد ڪيو ، ٽانڪي جي صفائي نه ٿيڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي ڪچرو ۽ جراثيم اچن ٿا ، پٽيوالا هوندي ڪلاس رومن جي صفائي واري واري سان اسان شاگردياڻين کان ڪرائي وڃي ٿي، ٽيچرس پيرڊ وٺڻ لاء تيار ناهن ، اسان شاگردياڻيون اسٽاف روم وٺڻ وڃون ٿيون پوء به پيرڊ نه ٿيون وٺن، ٽيچرس اسٽاف روم ۾ ويهي موبائيل فون تي ڳالهائڻ ۽ پاڻ ۾ ڪچهري ۾ مصروف آهن، سوين شاگردياڻين جي تعليم تباھ ٿي رهي آهي، اسان اسڪول مان سرٽيفڪيٽ ڪڍرائڻ لاء ويوسين ته هيڊ ماسترياڻي حراسا ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ۽ سرٽيفڪيٽ نه ٿا ڪڍي ڏنا وڃن ، هنن مطالبو ڪيو آهي ته کين سرٽيفيڪٽ ڪڍي ڏنا وڃن ته جئين هو ٻئي اسڪول ۾ داخلا وٺي سگهن.