دادو(رپورٽر ) دادو ڀرسان ڳوٺ پپري ۾ سڱاوتي تڪرار تان سؤٽن ۽ ماساتن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو . دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ پپري ۾ سڱاوتي تڪرار تان سوئٽن ۽ ماساتن ۾ منهن ماري کانپوء جهيڙو ٿي پيو ڏنڊا لڳڻ سبب 2 ڀائر حاجي خان ۽ امتياز ڪابورو سخت زخمي ٿي پيا ، زخمين کي دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ علاج لاء آندو جتي علاج دوران 58 سالن جو حاجي خان ڪابورو زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو آهي ، پوسٽ ماٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، وارث لاش کڻائي گهر پهتا ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ، بي سيڪشن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺ پپري ۾ سڱاوتي تڪرار تان لطف علي ۽ اظهر وارن ڏنڊن جا ڌڪ هڻي 2 ڀائرن حاجي خان ۽ امتياز کي زخمي ڪيو ، حاجي خان زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو ، فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ، واقعي جي اين سي رپورٽ پڻ داخل ڪئي آهي ٻئي ڌريون هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندڙ آهن جلد واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو