دادو ( رپورٽر ) سعودي عرب مان ٻوڏ متاثرن لاءِ پهتل قيمتي امدادي سامان ۾ وڏي پيماني تي بيقائدگين جا انڪشاف ٿيا آهن ، سامان جي پيڪيٽن مان ڪمبل ، ٿانو ، ڪتل ۽ ٻيو سامان ڪڍي باقي سامان ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائڻ لاءِ 4 ، ٽرڪون کڻي پوليس هيڊ ڪواٽر پهتي جتي پوليس جي سخت سيڪيورٽي جي باوجود هٿ وٺي پنهنجن من پسند ماڻهن کي گهرائي بدنظمي ڪرائي سامان کڻائي ڇڏيو جنهن سبب هزارين ٻوڏ متاثرن پوليس هيڊ ڪواٽر جي گيٽ تي هجومن جي صورت ۾ سراپا احتجاج بڻجي بيٺل رهيا بعد ۾ کين ٻڌايو ويو ته سامان ماڻهون زبردستي کڻي ويا آهن ، خدابخش کوسو ، علي حسن ، محسن علي ۽ ٻين ٻڌايو ته دادو جي انتظاميا اسان ڪي اين شاھ جي ٻوڏ متاثرن جا نالا لکي وئي ۽ اڄ سامان ڏيڻ لاء گهرايو ويو ۽ 3 کان 4 ڪلاڪن تائين پوليس هيڊ ڪواٽر جا گيٽ بند ڪري اسان کي ٻاهر روڊ تي بيهاريو ويو ۽ بعد ۾ ٻڌايو ته سامان ماڻهون زبردستي کڻي ويا آهن ، پر اسان ٽن چئن ڪلاڪن تائين بيٺل رهياسين ڪنهن به بدنظمي ناهي ڪئي انتظاميا اندر پنهنجا ماڻهون گهرائي بدنظمي جو ڊرامو گهڙي هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو آهي ، ٻئي طرف هڪ مخصوص برادري جي زميندار گهراڻن جي ماڻهن کي سامان جا لوڊر رڪشا ڀري ڏنا جيڪي سري عام سامان کڻي پوليس کڻي نڪري ويا آهن