دادو(رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ۾ سيپڪو انتظاميا شديد گرمي هوندي بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري سمورو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي ويو آهي ، دادو ضلع ۾ گرمي پد 49 ، سينٽي گريڊ تي پهچڻ تي سيپڪو انتظاميا دادو شهر جي بخاري ، ٽلٽي ، دادو سٽي ون ، ٽو ، 5 سميت 12 کان وڌيڪ فيڊرن تي بجلي جي بدترين 18کان 20 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ، صبح جو 8 بجه کان مجهند جو هڪ وڳي ، 2 بجه کان شام جو 6 بجه 7 بجه کان رات جو 11 بجه ، 12 رات کان ، رات جو هڪ بجه کان 5 بجه تائين لوڊ شيڊنگ ڪئي وڃي ٿي ، هر 4 ڪلاڪن کانپوء هڪ ڪلاڪ بجلي جي فراهمي دوران به بجلي جا جهٽڪا ڏيڻ ۽ ٽرپنگ ذريعي 10 کان 15 منٽ بجلي بند ڪرڻ سبب هزارين شهرين جي گهرن ۾ پاڻي جو بحران پئيندا ٿي ويو آهي ، بجلي جي بندش سبب مڪينڪ ، ويلڊنگ ، درزڪنن دوڪانن تي ڪم ڪندڙ سوين پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن ، خانگي جڳهن توڙي سرڪاري ترقياتي اسڪيمن تي هلندڙ ڪم پڻ شديد متاثر ٿيڻ ڪري ڪيترائي پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن ، بجلي جي بندش سبب فرجون ڪم ڪرڻ ڪري ڇڏي ويون آهن ، شهر ۾ برف جو پڻ بحران پئيندا ٿي ويو آهي ، جنهن سبب برف به بليڪ تي وڪرو ڪئي پئي وڃي ، بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب هزارين شهري عذاب واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ، قائم سيال ، جي ايم پنهور ، جبار ٻٻر ، ادبي سنگت جي رجب آزاد سولنگي ۽ ٻين سياسي ، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ، ڪارڪنن داهيو آهي ته سيپڪو عملدارن هٿ وٺي شهري آبادي وارن 12 ، فيڊرن تي 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ڪري رهيا ، سرڪاري آفيسن ، بنگلن ، ايم اين اي ، ايم پي ايز جي بنگلن لاء جوڙيل ايڪسپريس فيڊر تي صرف 2 کان 4 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي وڃي ٿي ۽ ايڪسپريس فيڊر تي 55 کان 60 سيڪڙو بجلي چوري ڪئي وڃي ٿي پر ان ايڪسپريس فيڊر تي لوڊ شيڊنگ نه ٿي ڪئي وڃي ، هنن چتاء ڏنو آهي ته جيڪڏهن شهري آباد ۾ لوڊ شيڊنگ نه گهٽائي وئي ته هو ڀرپور احتجاج ڪندا ، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سيپڪو انجنيئر عبدالعزيز پنهور ٻڌايو ته بجلي چوري سبب 12 کان 14 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ، جلد بجلي چورن خلاف آپريشن ڪري لوڊ شيڊنگ گهٽائي ويندي جڏهن ته صبح جو 8 بجه کان مجهند جو هڪ بجه تائين بجلي بند ڪرڻ سبب هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي ، شديد گرمي ۽ بجلي نه هئڻ ڪري شاگرد ، شاگردياڻيون بيحال ٿي وڃن ٿا ، پگهر ٽمڻ سبب سندن ڪاپيون خراب ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي ، اهڙي طرح 2 بجه کان شام جو 6 بجه تائين بجلي بند ڪرڻ سبب ٽيوشن وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي.